هڏيري، هاليجي ۽ هالاٺ جا هيڻا لوڪ

0
122
ڳالهيون ڳنوارن جون ... برسات جا رهجي ويل اثرات ۽ نڌڻڪي سنڌ

 هڏيري، هاليجي جي ڍنڍن، جنڊوٺي ۽ هالاٺ جي بٺين پار رهندڙ وسندڙ لوڪن کي هيڻا لکڻ تي آئون نهايت ئي شرمسار آهيان. هي اهي لوڪ آهن، جن جي ابن ڏاڏن سنڌو تهذيب جو بنياد رکيو. تمدني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. پنهنجي مدنيت کي محفوظ رکڻ لاءِ هر قسم جا ڪشالا ڪٽيا. جهنگن ۽ ٻيلن مان شڪار ڪري زندگي جو ڪٺن سفر ڪاٽيو. جبلن ۾ بند ۽ گبربند ٻڌي پوکي راهي ڪري دنيا ۾ سڀني کان اڳ زرعي سماج جو بنياد وڌو. مال جا ڌڻ ڌاري، ڌراڙپ ڪري، ڀريا ڀڪلا ڀاڻ اڏي، ڀاڳ ڀريا ڀاڳيا بڻيا ۽ دودا ۽ ڌڱاڻا ڄڻي پنهنجو ۽ پنهنجي وطن جو وجود برقرار رکيو. پنهنجي غريب ۽ بدنصيب وطن جي حفاظت ڪري امانت نئين نسل تائين پهچائي. هنن جا ابا ڏاڏا دهلي ۽ قنڌار جي حملا آور لشڪرين سان جهيڙيندي، وڙهندي مارجي ويا. ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته وڃي مڪلي، جنگ شاهي ۽ درس وريي وارا قبرستان نهاري ڏسي ته انهن جون گمنام ۽ خاموش قبرون پنهنجي هن نڌڻڪي نسل جي بيوسي تي ڪيڏيون نه فڪرمند ۽ ڏکويل آهن. انهن بهادر ويرن جو پونئير، هاڻ مڇي جا ڊينڊ جهلي، پٿر ڀوري، روڙها ڪري، ٻنيون پوکي، نانگ لتاڙي پنهنجن ٻچن کي لنگهڻ کان بچائڻ تي مجبور آهن. هي گگدام هيڻن حيوانن وانگر زندگيءَ جي نار جي ڳاڌي ڇڪي ڇڪي هاڻ اڌ مئا ٿي چڪا آهن يا ارهه سان زندگي جي ڳري ٻيڙي ڌڪيندي هاڻ فنا ٿيڻ وارا آهن. هي ماڇي، مهاڻا، ميراڻي ميربحر يا ملاح، جوکيا ۽ جاکرا، پليجا ۽ پالاري، خاصخيلي، خليفا ۽ کماڻ، ٻيليچا ۽ ٻارچ، بڪڪ ۽ ڀنڀرا، هيجب، هالا ۽ هنڱورا هڪ اهڙي ڀٽڪيل قافلي ۽ ڪاروان جا مجبور مسافر ٿي پيا آهن، جن جا سونهان ۽ ساربان سندن ساٿ ڇڏي، ڀٽڪي ڪنهن اڻ ڀونئي ڀونءِ ڀڻي چڪا. هن بيگاهه وقت ۾، بيقرار قلم سان جڏهن هي سٽون لکجي رهيون آهن، ٺيڪ ان وقت قبرستان ۾ ابدي ننڊ ۾ ستل، هڪ معصوم انسان، جنهن کي پنهنجي دور ۾ مولانا غلام محمد گرامي جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جون مُني صدي اڳي لکيل هي سٽون منهنجي اڳيان نماڻيون نظرون کڻي نهاري رهيون آهن ته، ڪوري ڪاغذ تي انهن کي اتاري اوهان جي اڳيان پيش ڪريان. اوهين اهي پنهنجي اکين سان پڙهي ڏسو:

“راهزن راهبر، راهه پيچيده تر، هر قدم پرخطر

زندگي مختصر، ڄڻ سفر در سفر، گامزن تيز تر

بي خبر ساربان، لٽجي ويو ڪاروان، ٻڌ ته شور و فغان

آيو دور خزان، وڍجي ويا بال و پر، ڪنهن کي ڪنهن جي خبر

اسين مسلسل پنڌ ۾ آهيون. پهاڙي بٺيون، سڪل نئيون ۽ ڍورا نهاريندا، نالي ماتر جهنگ وارا وڍيل ۽ ويران ٻيلا ڏسندا، ڳوٺن ۾ ٽانڊن تي هٿ سيڪي، پڙڇن تي ويهي راتيون وهائيندا، هاڻوڪي سڄي روءِ داد اوهان تائين پهچائيندا رهيا آهيون ته جيئن اوهان کي سمجهه ۾ اچي ته جيڪي ڪجهه چمڪي رهيو آهي، اهو سڀ سون ڪونهي. هاڻوڪي دور ۾ انهن مسڪينن جي پکڙن ۽ پارڻن جا پار پتا ڏيئي نقشو اوهان جي اڳيان آڻيون.

ساموئي پٽ جي اڀرندي پار ڳوٺ حاجي الهبچايو هڱورو آباد آهي. هتي هڱورن جا چار پاڙا آباد آهن. يعقوباڻي، پيرناڻي، ڳاڙهڪائي ۽ خليفا هڱورا ابراهيماڻي. هنن جو سريال حاجي الهبچايو هڱورو هو. دلير بهادر ۽ وضع قطع وارو مڙس ماڻهو هو. اسان جي سنگت بابو علي نواز هڱوري سان هئي. ڏاڍو سڀائتو ماڻهو هو. مڪلي جي اتر طرف ڄام واهه جي ڪنڌي سان جاکرن ۽ مهاڻن جو وڏو ڳوٺ آباد آهي. گذريل رات هن ئي ڳوٺ ۾ اسين پنهنجي همسفر محمد علي جاکري جا مهمان هئاسين. سڄي رات ڳوٺاڻن جي ڏکي زندگي جون ڳالهيون، علي نواز جاکري جون روزي نماز جون نصيحتون، الهڏني هيجب جا ٽوٽڪا ۽ ميزبان محمد علي جاکري جا ٽهڪ ٻڌندا محظوظ ٿيندا رهياسين. هن ڳوٺ جي اڀرندان واهه جي ڪنڌي سان علي جاکري جو ڳوٺ آهي. پاڻ وڏو ڀاڳيو هو. سدائين اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. کير کڻي ڇهين وڳي واري ايس آر ٽي سي جي لاريءَ تي ٺٽي کان چڙهي ڪراچي ليمارڪيٽ ۾ کير کپائي شام جو واپس ورندو هو. ارڏو مڙس هو، مرندي گهڙيءَ تائين ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه ڪڍيائين.

ماموئين جي قبرن کان ڏکڻ طرف مڪلي جي ٽڪري شروع ٿئي ٿي. هن ٽڪريءَ تي سمن ڄامن جي قبن ۽ قبرن کان علاوه شيرازي (ايراني)، خراساني، توراني ۽ قنڌاري سيدن جا قبا قبرستان، درگاهون ۽ زيارتگاهون موجود آهن پر ترسو، ان طرف هلڻ کان پهريائين ساموئي جي آسپاس پکڙيل موجوده دور جي ڳوٺن ۽ اتي وسندڙ مسڪين لوڪن کان اوهان کي واقف ڪندا هلون، جيڪي اڳتي هلي تاريخ جو حصو بڻجڻا آهن.

ستين کان اتر طرف ڪي ڊي اي جي موري ويجهو صادق علي پالاري جو ڳوٺ آهي. هي اصل ساڏوري جبل جا آهن، جتي سندن کيٽ کرا ۽ راڄ ڀاڳ آهي. چاليهارو سال کن ٿيندا، ساڏوري ۾ اسين مرحوم اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ سيد شفقت حسين شاهه شيرازي سان گڏ سندن شاندار دعوت کائي آيا هئاسين. هاڻي سنڌ ۾ رهائش پذير آهن. (جبل جا ماڻهو جبل کان هيٺائين وارن علائقن کي سنڌ سڏيندا آهن) هتي پرين پالاريءَ جو گهر موجود آهي. پرين پالاري دنبوري وڄائڻ جو بادشاهه فنڪار هو. ڪهڙي به ٻولي جي ڪيتري به ڏکي ڌن هجي، پرين پالاري ان کي واهه جو وڄائي ويندو هو. ڪچهرين ۾ ڀاڏ جبل وارو موسو جوکيو آزمائڻ خاطر ڪنهن هندي اردو نغمي جي ڌن وڄائڻ لاءِ چوندو هوس. پرين مسڪرائي ساز کي ڇيڙيندو هو ته، دنبوري مان درد جون دانهون نڪري وينديون هيون. لتا منگيشڪر جي “رس ڪ بلما” واري ڪوڪار، ڪروٽڙي تان ڪونج وانگر ڪرلاٽ ڪري اٿندي هئي. پرين مسڪين ماڻهو هو. ٺلهن هٿن تي، قدرت کان هڪڙو ڀيرو مليل هي حياتي ڏکن ۽ ڏوجهرن سان گذاري هتان رٺو هليو ويو. هنن کان ٿورو اڀرندا عثمان عرف عوثو لاکي جو ڳوٺ آهي. چند گهر مهاڻن جا به موجود آهن. مهاڻا ۽ لاکا هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي آهن. مهاڻن ۾ چنڊو اسان جي شڪار جو ساٿاري هو. واهه جي ڏکڻ ۽ موري جي اولهه ۾ ٻيليچن جو ڳوٺ آهي. ايوب ٻيليچو اسان جي شڪار جو سنگتي هو. لنگهي وڃبو هو ته لولو کارائڻ کان سواءِ هٿ ڪونه ڪڍندو هو. پاسي ۾ کماڻ رهن ٿا. چاچا گلو کماڻ ڀلوڙ مڙس هو. اهو به شڪار جو شوقين هو. انهن کان ڏکڻ طرف سرڪي، ناريجا، هالا ۽ حجام وڏا وڏا ڳوٺ آباد آهن. ساموئي جي پٽ وارا اهي سڀ راڄ کيتي ٻاڙي، مالوندي ۽ راڄداري ۾ هڪٻئي سان ڳانڍيئڙي وانگر ڳنڍيل ۽ مالها وانگر پوتل ۽ پرتل آهن.

هن تر ۾ هاليجي ڍنڍ جي اڀرندان ٽن سوَن پکن وارو مهاڻن جو وڏو ڳوٺ آباد آهي. عيدن مهاڻو هن ئي ڳوٺ جو رهواسي هو. بدن ۾ ٿلهو ٿنڀرو، قد لاٺيرڙو، ڦڪا ڏند، ڪڪا وار، کل ۾ ٻڏو پيو هوندو هو. ڪنزرويٽر وائيلڊ لائيف مسٽر ابرار مرزا جو دادلو گيم واچر هو. هي شايد 1982/83ع جي ڳالهه آهي. شڪارين تي ويچاري جي سدائين رحم جي نظر.  هاليجي ڍنڍ تي مرزا صاحب جي اڏايل سرڪاري گيسٽ هائوس ۽ ڊسپلي سينٽر ۾ سياحن لاءِ گائيڊ مقرر ڪيائينس. انگريز سياحن کي لاڙي لهجي واري سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڍانڍي توڙي پاليل پکين، واڳن، ڌاريل هرڻن ۽ ڦاڙهن، ڪارڙن ۽ بگڙن تترن ۽ سرخابن تي اهڙا ته ليڪچر ڏيندو هو، جو ڄڻ اهي سياح هن استاد کان سنڌي سکڻ آيا هجن. هاليجي گهمڻ لاءِ آيل ڪراچي جي هرڻين (خوبصورت سياح عورتن) ۽ سياح انگريزياڻين کي تريل دَيا کارائي ۽ ٻاڪري کير جي ايلاچين واري گهاٽي چانهه پياري، انهن جي اڳيان ڦڪڙا ڏند ڪڍي کلندو هو ته اهي هن جي ان معصومانه ادا تي ٽڙي پونديون هيون ۽ خوب انعام اڪرام ڏيئي خوش ٿينديون هيون. ابرار مرزا جي وڃڻ کان پوءِ نه عيدن رهيو، ته نه ئي هاليجي واري ان خوبصورت سينٽر جو اهو اوج. ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا هليا ويا.