هٿيار ڪيترا به ‘جديد’ ڇو نه هجن، اصل ڳالهه ‘نيتن’ جي آهي!

0
28
کنڊ: ايڪسپورٽ- امپورٽ راند

هونئن ته سنڌ کي ڪئين ڏهاڪن کان ‘ڏوهن جو ڏيهه’ بنائڻ وارين ڪوششن ۾ وسان نه گهٽايو ويو آهي پر هن وقت انهن ڪوششن جو عملي روپ سامهون اچڻ لڳو آهي. تاريخ ۾ امن ۽ آشتيءَ، سانت ۽ سڪون واري ساڻيهه جي سڃاڻپ رکندڙ سنڌ هن وقت ‘بدامنيءَ جي ڀونءِ’ بڻجي ويئي آهي. سنڌ جو ڪَچو ڌاڙيلن جي ٿم ۽ ٿاڪ بڻيل آهي، جتي انهن وٽ نه رڳو مغوي پر رياستي قانون به يرغمال بڻيل آهي. ٻارڙا اغوا ڪرڻ جو نئون ‘ٽرينڊ’ شروع ٿي ويو آهي. ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ سان ذهني طور تي والدين کي دٻاءَ ۾ آڻڻ سولو آهي. سنڌ ۾ بي امنيءَ جي اهڙي صورتحال جو حڪمرانن کي ڪو به اونو ناهي. اڳ ۾ اهو بهانو هو ته ڌاڙيلن وٽ فوجي گريڊ جا هٿيار آهن ۽ پوليس روايتي هٿيارن سان انهن جو ،قابلو نٿي ڪري سگهي، پر هاڻي ته سنڌ پوليس لاءِ پڻ جديد هٿيارن جي خريداري ڪئي وئي آهي، جنهن جو اقرار گهرو کاتي جي صوبائي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو آهي. هٿيار کڻي ڪيترا به جديد هجن پر اصل ڳالهه ان “وِل” جي آهي، جيڪا نظر نه پئي اچي.

ڏوهن جو راڪاس سڄي سنڌ کي اجاڙي رهيو آهي پر مجال آهي، جو منتظمين ان کي پنهنجي اختيار لاءِ چئلينج ۽ انتظام ۾ ڪا مداخلت سمجهن. ڄڻ ان کي ڀونءِ ڀيلڻ جي ڪا مشروط اجازت مليل هجي! قانون ان کي ڏانوَڻ وجهڻ جي سگهه نٿو ساري. ڏوهن جي ان راڪاس کي ڇيڪ ڇڏي سنڌ جي ماڻهن تي اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهي ويئي آهي ته جيئن ان خوف ۽ غير يقينيءَ جي ماحول ۾ ٻيو ڪجهه به نه سوچين. سنڌ جي ساڃهه ۽ شعور جي بدخواهه قوتن جي فتور جي فيڪٽرين ۾ تيار ٿيل ‘مقامي پراڊڪٽ’ ان جو ذميوار آهي، جيڪو ان گُرڙ پکيءَ وانگر آهي، جنهن هاڻي ‘پنهنجا ئي ٻچا’ کائڻ شروع ڪيا آهن! ڌاريا ته ڌُريان ئي ڌاريا آهن، پر ‘پنهنجن’ به ڄڻ ته پوئتي نه رهڻ جو قسم کاڌو هجي! انهن ڪڏهن به سنڌ جي سُورن جو ناهي سوچيو. سنڌ جي سرير ۾ ‘ڪرائيم’ جو ڪئنسر سرايت ڪري ان جي شعور جو جيءُ جڏو ڪري ڇڏيو آهي. توڙي جو سنڌي ماڻهن جي ووٽ تي اختيار ۽ اقتدار جا 17 سال مزا ماڻڻ جي باوجود حڪمرانن جو ڌيان سنڌ جي سورن ڏانهن نه آهي! هونئن ته هن وقت سڄي سنڌ ڄڻ ته ڪا ‘ڪيٽي’ بڻيل هجي، پر خاص طور تي سنڌ جا اڌ ڊزن کان مٿي اتريان ضلعا رياستي قانون لاءِ ‘نو گو ايريا’ بڻيل آهن. ڪمانڊوز جي گهري ۾ هلندڙ ۽ بُلٽ پروف شيشن پٺيان بيهي سنڌ ۾ امن امان جا ڀاشڻ ڏيندڙ منتظمين لاءِ ته سنڌ واقعي به امن جو هندورو آهي، پر عام ماڻهو ڌاڙيلن جي نشاني تي آهي، ايتري قدر جو گهٽين ۾ راند روند ڪندڙ معصوم ٻارڙا به محفوظ ناهن. ظاهر آهي ته ڏوهارين جو منظم نيٽ ورڪ آهي، جيڪو ڌاڙيلن لاءِ ڪم ڪري ٿو. ان نيٽ ورڪ ۾ رڳو اهي ڏوهاري ئي نه آهن، پر پوليس جون ڪاريون رڍون به شامل آهن، جيڪي ڌاڙيلن جي سهولتڪاريءَ جي ڌنڌي سان لڳل آهن. ان نيٽ ورڪ ۾ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اها ‘اشرافيا’ به شامل آهن، جنهن جي پهچ اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن تائين آهي. ان نيٽ ورڪ ۾ انهن کي شامل نه سمجهڻ به بد ديانتي هوندي، جيڪي اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن ۽ وڏن منصبن تي ويهي انهن ڏوهارين کي ڪوسو واءُ لڳڻ نٿا ڏين. جيستائين اهو نيٽ ورڪ مڪمل طرح ختم نٿو ٿئي، ڪَچي جي ڌاڙيلن سان گڏ پڪي جا ڌاڙيل به ختم نٿا ڪيا وڃن، تيستائين سنڌ مان اغوا انڊسٽري جو عروج ختم نه ٿيندو.

اسان هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ ‘ڪَچي’ ۽ ‘پڪي’ جي ڌاڙيلن خلاف هڪ ئي وقت ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي. پوليس مان ڪارين رڍن کي ختم ڪرڻ لاءِ ترت تحرڪ ورتو وڃي، جن جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري سڄو ڌڻ ئي ڪارو هجڻ جو تاثر سگهارو ٿي رهيو آهي. پوليس کاتي مان سياسي مداخلت ختم ڪري، فري هينڊ ڏيئي انهن کي ڌاڙيل ختم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو وڃي. ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ‘اشرافيا’ کي قانون جي ناڪيلي وڌي وڃي. باقي هٿيار کڻي ڪيترا به جديد هجن، اصل ڳالهه نيتن جي آهي.