شڪارپور: واقعي بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿياربند اصل ۾ اناج منڊي واري علائقي ۾ واقع مل ۽ ڪانٽي مالڪ پوڪر داس کي قتل ڪرڻ آيا هئا، جيڪو ان وقت موجود نه هو، ذريعن موجب مل ۽ ڪانٽي مالڪ جو پاڙي جي گوپانگ برادري جي ماڻهن سان زمين جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان هٿياربندن حملو ڪري سندس منشي کي قتل ڪري ڇڏيو.