هٿياربندن هٿان يرغمال بڻيل گلگت جو سينيئر وزير عبيدالله بيگ پٽ سوڌو آزاد

0
187

گلگت جي سينيئر وزير عبيدالله بيگ کي پٽ سوڌو يرغمال بڻائيندڙ گروهه ۽ گلگت سرڪار ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون

هٿياربند گروهه ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد سينيئر وزير عبيدالله بيگ، سندس پٽ ۽ ٻين مغوين کي ڇڏي ڏنو

پرڏيهي خابرو اداري موجب هٿياربند گروهه پاران ڳالهين دوران مطالبا پيش ڪيا ويا

هٿياربند گروهه جي سربراهه مولوي عبدالحميد جو چوڻ آهي ته کين 10 ڏينهن اندر مطالبن تي اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي وئي آهي

هٿياربند گروهه جي سربراهه مولوي عبدالحميد جو چوڻ آهي ته اڳڀرائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ شديد ردعمل ۽ سخت احتجاج ڪيو ويندو

هٿياربند گروهه سينيئر وزير عبيدالله بيگ کي پٽ ۽ ٻين سوڌو بابو سر ٽاپ واري علائقي ويجهو يرغمال بڻائي ورتو هو

عبيدالله بيگ جو چوڻ آهي ته هٿياربند گروهه 6 قيدين جي آزادي سميت 2 مطالبا پيش ڪيا آهن