ھٿونگو (ن پ ا) ھٿونگو ويجھو ڳوٺ بانڪو چانيھون واسي جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج، ڳوٺ بانڪو چانيھون واسي نوجوان فاروق چانيهون ۽ ناري گلناز چانيھون ميڊيا سينٽر ھٿونگو پھچي دانھيندي چيو ته اسان ھڪ مھنو اڳ پنهنجي رضا خوشي سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ھو، عدالت سڳوري اسان کي ھڪٻئي سان گڏ زندگي گذارڻ جو حق ڏئي ڇڏيو آهي پر ڳوٺ جا بااثر ۽ ناري جا وارث اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، نوجوان فاروق چانيهون چيو ته ھڪ مھينو اڳ ھُنن منهنجي ڀائرن جي گھرن کي باھيون ڏئي ساڙي وڏو نقصان ڪيو ۽ ھاڻي ھُو اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، جڏهن ته منهنجي ڀائرن کي به بيگناھ تنگ ڪيو پيو وڃي، ناري گلناز چيو ته منهنجي ماءُ ئي مونکي نوجوان فاروق سان پسند جي شادي جي اجازت ڏئي گھران ڪڍيو ھو پر ڀائر ٻيا مائٽ جان جا دشمن بڻجي ويا آهن، جوڙي ايس ايس پي سانگهڙ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.