ھپناٽائيزم جو مطلب آھي ذھني اثر يا ڪنٽرول يعني ڪنھن جي دماغ تي اھڙو اثر وجھڻ جو ھو اھو ئي سوچي ۽ ڪري جيڪو توھان ٿا. اشتھارن ۾ بہ اھا ئي ڳالھ استعمال ڪئي ويندي آھي ته جيئن ماڻھون بہ خيال ٿي شيون خريد ڪن
ڪيئن ڪم ڪري ٿو ؟
ھر ھر ٻڌائڻ Repetition
اشتھار ۾ ھر ھر ٻڌايو ويندو آھي ته جيئن توھان جو ذھن ان کي قبول ڪري
مثال Tang پيئو تازو ٿيو ! ھيء نعرو توھان ڪيترائي ڀيرا ٻڌو ھوندو ان ڪري ھي پراڊڪٽ جلدي ياد اچي ٿو
ان کانسواء ٻيا کوڙ مثال آھن
وڻندڙ رنگ ۽ تصويرون Attractive Visuals
روشن رنگن خوبصورت ماڊلز ۽ دلڪش منظرن سان ماڻھن کي جو ڌيان ڇڪرايو ويندو آھي
مثال: ڪوڪو ڪولا جي اشتھار ۾ ھميشه خوش ماڻھون يارن دوستن سان گڏ کلندا ۽ تفريح ڪندا ڏيکاريا ويندا آھن ته جيئن توھان محسوس ڪريو ته ڪوڪ پيئڻ سان زندگي مزيدار ٿي وڃي ٿي کوڙ ٻيا اھڙا مثال
شعوري ذھن کي باھ پاس ڪرڻ Subliminal Massage
ڪڏھن ڪڏھن اشتھار اھڙا لفظ يا تصويرون استعمال ڪن ٿا جيڪي سڌي طرح توھان جي لاء لاشعور تي اثر ڪن ٿا
مثال: جلدي ڪريو ھي آڇ محدود وقت لاء آھي ان سان توھان کي ڊپ ٿيندو ته ھاڻي ئي وٺي ڇڏيان نه ته موقعو ھٿان نڪري ويندو
آرامدہ آواز ۽ ميوزڪ Soothing music & Sounds
ھول سيل مارڪيٽن يا وڏن اسٽورن ۾ نرم ميوزڪ ھلي رھيو ھوندو آھي جيئن توھان آرام سان گھڻو وقت ھتي رھو ۽ وڌيڪ خريداري ڪريو
مثال توھان ڪڏھن غور ڪيو آھي ته شاپنگ مال ۾ اندر وڃڻ سان ماحول ڪيترو سڪون ڏيندڙ لڳندو آھي
ڊڄارڻ ۽ تڪڙ ڪرائڻ Fear & Urgency
جيڪڏھن اڄ خريد نه ڪئي ته موقعو وڃائي ويھندو ان قسم جا جملا توھان کي تڪڙو فيصلو ڪرڻ تي آمادہ ڪن ٿا
مثال: عام بازار ۾ يا ڪنھن سيل جي دڪان تي ھڪڙو مقرر وقت ڏيندا آھن ته ھيترن ڏينھن تائين سيل آھي جلدي اچو جلدي وٺو
توھان ڪڏھن اشتھارن جي وڪڙ ۾ اچي خريداري ڪئي آھي ؟
ھڪڙو اھڙو مرض جنھن ۾ مريض کي ننڊ آئي تہ مري ويندو
سنڌيڪار ،، ع لي ،،
ننڊ سان جڙيل اھڙو مرض جنھن کي Ordines Curse چيو ويندو آھي جيڪڏھن مريض ننڊ ڪري ته ان کي موت اچي ويندو آھي ھن بيماري کي Central Hypoventilation Syndrome پڻ چيو ويندو آھي
سال ۾ سڄي دنيا ۾ تقريبن 500 اھڙا ڪيس( مريض) سامھون ايندا آھن جيڪي اور ڊائنز ڪرس جا مريض جيڪڏهن سمھي رھن ته ساھ کڻڻ وارو نظام ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندو آھي ساھ نه کڻڻ جي ڪري ساھ گھٽجڻ جي ڪري فوت ٿي ويندو آھي
ايئن ڇو ٿيندو آھي ؟
ننڊ جي حال ۾ مريض جي سينٽرل نروس سسٽم درست طور تي ڪم ناھي ڪري سگهندو مريض جو دماغ مريض جي جسم کي ساھ کڻڻ جي ڪمانڊ (حڪم) نٿو ڏئي سگھي مريض جو ساھ گھٽجڻ لڳندو آھي پر نروس سسٽم جي ناڪامي جي ڪري دماغ کي سڀ ڪجھ ٺيڪ جي رپورٽ ڏيندو آھي ان حد تائين جو مريض جو ساھ گھٽجي وفات ڪري وڃڻ تائين
سبب ڪھڙو آھي ؟
ھيء ھڪڙي موروثي ۽ پيدائشي مرض آھي جيڪو تقريبن دماغي ڌڪ لڳڻ ڪري Lower Lateral Medulla کي ڪمزور ڪري ان مرض جو سبب بڻجندو آھي
ھن مرض جو ڪو بہ علاج ناھي فلحال