ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اهم سنگ ميل پار ڪندي 10 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون، هن اهو اعزاز ايشيا ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف ميچ ۾ سرانجام ڏنو. هندستاني ڪپتان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 15هون جڏهن ته هندستان جو ڇهون بيٽر آهي جنهن 10 هزار رنسون ٺاهيون آهن، روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ جي 241 اننگز ۾ 10 هزاررنسون مڪمل ڪيون، جڏهن ته ڪوهلي اهو ڪارنامو 205 اننگز ۾ ڏنو، جڏهن ته سچن ٽنڊولڪر 10 هزار رنسون ٺاهڻ لاءِ 259 ميچون کيڏيون هيون.