حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، ھٽڙي باءِ پاس اقرا ٽائون ھائوسنگ اسڪيم جي مالڪن مٿان حيدرآباد جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج پاران ايف آءِ آر داخل جو فيصلو معطل ڪندي، دي اسٽيٽ، ايس ايچ او ھٽڙي، غلام محمد ميمڻ کي نوٽيس جاري جواب طلب ڪري ورتو آھي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي جسٽس امجد سھتو تي مشتمل سنگل بئنچ ۾ درخواستگذار غلام قادر قاضي، احمد ولي قاضي، غلام حسين ملاح، زاھد قاضي سميت 8 درخواستگذارن پنھجي وڪيل سجاد چانڊيو معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ته پلاٽ ورتا ۽ خريد ڪيا ويا آھن لاڳاپيل عدالت سول ڪيس کي فوجدار ڪري ڪيس جوابدار ڌر خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو انھي آڊر کي اسان چيلينج ڪيو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جو آيل فيصلو معطل ڪندي دي اسٽيٽ، ايس ايچ او ھٽڙي، غلام محمد ميمڻ کي نوٽيس جاري ڪندي 6 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو آھي.