ڪراچي: هٽايل آءِ جي جيلز ويندي ويندي به اعليٰ آفيسرن کي ڪلين چٽ ڏئي ويو، صرف اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، آءِ جي جيلز قاضي نظير ويندي ويندي هڪ ڊپٽي ۽ هڪ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ، ٽن ھيڊ ڪانسٽيبلز ۽ 18 ڪانسٽيبلز کي معطل ڪري ڇڏيو، معطل آفيسرن ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ذوالفقار پيرزادو، اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ عبدالله خاصخيلي، هيڊ ڪانسٽيبل انور علي، محمد اڪرم، امام الدين ڪانسٽيبل نعمان سرور، علي احمد، سجاد حسين، عدنان علي غلام حسين، شهزور جعفري، نثار بيگ، انور علي، اياز جيلاني، راشد چاچڙ، شهزادو، ذاڪر حسين، نعمان جعفري، علي حيدر، اسماعيل کوسو، اسد شاھ، مير خان ۽ ڪامران بلو شامل آهن. نوٽيفيڪشن موجب آفيسرن ۽ اهلڪارن کي فرضن ۾ سنگين ڪوتاهي ۽ غفلت ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي، آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪوتاهي ۽ غفلت ڪري قيدي فرار ٿيا.