هِي درياءَ جي عاشقن جو ديس آ ….

0
42
ڀارت طرفان سنڌ طاس پاڻي معاهدي جي معطليءَ جو اعلان

اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڻيءَ جو عالمي ڏينهن ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن ڀيري پاڻيءَ جي عالمي ڏينهن جو موضوع آهي گليشيئرن کي بچائڻ ۽ انهن جو تحفظ. جيئن ته، پاڪستان “گليشيئرن جو گهر” ليکيو ويندو آهي، خاص طور تي گلگت- بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي علائقن جا گليشيئر ڪروڙين ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پر موسمياتي تبديلين سبب گرمي پد وڌڻ سان پاڪستان ۾ گليشيئرن جي ڳرڻ ۾ تيزي اچي رهي آهي، ان جو اثر زراعت، پاڻي جي دستيابي ۽ ايتري قدر جو بجلي جي پيداوار تي پئجي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي پاڻي جا وسيلا مجموعي طور تي دٻاءُ ۾ اچي رهيا آهن. تيزي سان وڌندڙ آبادي، پاڻي جو غير مؤثر استعمال ۽ مناسب انفراسٽرڪچر جي کوٽ ان گهٽتائي جو سبب بڻجي رهيا آهن. وڌيڪ، گليشيئرن جي ڳرڻ سبب پاڻي جي کوٽ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هڪ طرف اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف ڊيمن ۽ ڪئنالن ذريعي سنڌو درياءَ جو رخ موڙڻ جي ڌاڙيوالي جاري آهي. سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي پر سنڌ جا حڪمران نمائشي بيان بازي کان اڳتي وڌي نه سگهيا آهن. هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ جي باوجود گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪينال رٿا ختم ڪرڻ لاءِ ڪا اثرائتي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي ۽ نه ئي وري دٻاءُ لاءِ ڪو سنڌائتو ڌڪ هڻڻ ضروري سمجهيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو وفاق اڃان تائين سنڌ جي احتجاج کي ليکي ۾ ئي نٿو آڻي.

اها حقيقت آهي ته، اسان جا حڪمران تاريخ مان ڪُجهه به سکڻ لاءِ تيار نه آهن. ايتري قدر جو ملڪ جي قائم ٿيڻ جي 24 سالن بعد اڌ ملڪ ڌار ٿي ويو پر ان مان به سکڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي. ساڳيا ئي پرڪار جاري آهن. جبر ۽ استعمار سان قومن جي احتجاج ۽ ڪاوڙ کي دٻايو وڃي ٿو ۽ اُنهن کي طاقت سان فتح ڪرڻ واري حڪمت عملي جاري آهي. حڪمرانن کي سنڌ جي اکين مان اُلا ٿي نڪرندڙ ڪاوڙ جو ادراڪ نه آهي ۽ کين اهو به نظر نٿو اچي ته،  سنڌ جي مزاج جي موسم بدلجي چڪي آهي. حڪمرانن جي اها خام خيالي آهي ته، اهي سنڌ جي ڪاوڙ کي “فتح” ڪري وٺندا، پر واضح نموني اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته سنڌ خوف کي فتح ڪري چڪي آهي ۽ ياد رکڻ گهرجي ته، جيڪا قوم خوف کي فتح ڪري وٺندي آهي ته ان کي ڪنهن به ڏاڍ ۽ جبر سان ڪا به قوت مطيع بنائي نٿي سگهي. حڪمران آخر هن ملڪ جي استحڪام جي قيمت تي ڪينال رٿا ڇو ٿا مڪمل ڪرڻ چاهين. اڳ ۾ هاڃيڪار فيصلا هميشه آمريتي دورن ۾ ٿيندا رهيا آهن پر هن ڀيري چونڊيل حڪومت آهي ۽ مرڪز ۾ پ پ به اقتدار ۾ ڀائيوار آهي ۽ صدر مملڪت وارو وڏو منصب به پ پ وٽ آهي پر حيرت اها آهي ته، ان کي به صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ نه آهي. صدر مملڪت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب دوران به “معذرتاڻي انداز” ۾ وزير اعظم کي رٿا تي ويچارڻ جي صلاح ڏني، جو سندس بقول ته، اها مرڪز تي دٻاءَ جو سبب ٿي رهي آهي. اسان هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، ڪينال رٿا ختم ڪرائڻ جي حوالي سان پيپلز پارٽيءَ وٽ گهڻا آپشن آهن. پيپلز پارٽيءَ جو پاور بيس سنڌ آهي ۽ ڪينال ٺهڻ سان سنڌ ۾ وڏي تباهي ايندي. پيپلز پارٽي مرڪز ۾ هر فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي سگهه رکي ٿي پر خبر ناهي ڇو سنڌ جا مفاد نظرانداز ڪيا پيا وڃن.

هونئن ته مرڪز ۾ اقتداري شراڪتداري واري فارمولي تي عمل نه ٿيڻ جون دانهون ڪندي پ پ مرڪزي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جا دهمان ڏيندي رهي ٿي پر جڏهن معاملو سنڌ جي مفادن جو آهي ته ان ڀيري نمائشي بيان بازي کان  اڳتي وڌڻ لاءِ تيار نه آهي. پ پ تي فرض آهي ته اها سنڌ جي مينڊيٽ جو حق ادا ڪري ۽ هرر ممڪن دٻاءَ وجهي ڪينال رٿا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.