هِي تعليمي دور آھي!

0
367
هِي تعليمي دور آھي!

  پاڻ جنهن دور ۾ رهون پيا، ان کي جديد دور کان به گهڻو اڳتي يعني مابعد جديديت وارو دور چئجي تڏهن به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هِي آرٽيفيشل انٽيليجنس واري ايڪيهين صديءَ آھي، جنهن ۾ ماڻهو اڻپڙھيل رهجي ويو ته حياتيءَ جي ريس ۾ منزل تي رسي نه سگهندو. ڇو ته هِي وقت رِڇ ڪُتن جي ويڙھ وارو وقت ناهي رهيو ۽ نه ئي وري هن ۾ ڪُڪڙ ويڙھائڻ ۾ مقابلا کٽڻ ڪا معنيٰ رکن ٿا. هن ۾ تعليم جي ميدان ۾ چٽا ڀيٽي اهميت رکي ٿي. هاڻ جيڪا جنريشن جنم وٺندي يا وٺي چُڪي آھي، ان جو سڄو دارومدار تعليم وسيلي ماڻيل ترقيءَ تي هُوندو. علم جي اَڻهُوند ۾ هن زماني ۾ جيئڻ ۽ معاشري سان گڏ هلڻ ڏاڍو ڪَٺن هوندو. هِي ڪمپيوٽر وارو دور آھي. هِي هڪڙي ڪِلڪ سان دُنيا اڳيان آڻي بيهارڻ وارو وقت آھي. هِي لوڪ لڪڙتار وارو لانڍيڪو ليکو ناهي، جنهن ۾ ماڻهو رڳو اَناج ۽ کير مکڻ تي سروائيو ڪري سگهي. هن جديد وقت ۾ ماڻهوءَ جُون گُهرجُون به وڌي ويون آھن. پر افسوس جھڙي ڳالهه آھي جو سنڌ جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اڄُ به پٿر واري دور ۾ جيئن پيا. مُون اڪثر ٻهراڙين ۾ اهڙا ماڻهو ڏٺا آھن، جيڪي اڄُ به ائين چون ٿا ته اولاد کي پڙھائي ڇا ڪريون؟ ڪهڙو نوڪريون ٿيون ملن. اُنهن جي ذھنيت ۾ تعليم پرائڻ جو تعلق محض نوڪريءَ سان ئي آھي. اهي ماڻهو قطعي اهو نٿا سمجهن ته تعليم پرائڻ جو مقصد زندگيءَ سان وابسته آھي. تعليم حاصل ڪرڻ جو حاصل مطلب آھي روشني. لرننگ از لائيٽ آھي. تعليم هر ٻار جو بُنياديءَ ۽ انساني حق آھي. ان ڪري پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏياريو. تعليم هُوندي ته نوڪريون پاڻهي انهن جي پويان پيون ڊوڙنديون، باقي پڙھندا ئي پنج درجا ته پڪ سان پَٽيوالي به ڪانه ملندي پوءِ ڀلي پيا جاگيردارن ۽ وڏيرن جا واٺا ٿي انهن جي پويان پيا سڄي عمر جُتيون گسايون.

اسان کي گُهرجي ته اسين جڏھن به ڪنهن سماجي گڏجاڻيءَ ۾ ڪٿي وڃون ته ڪوشش ڪري ماڻهن ۾ جاڳرتا آڻيون ته جيئن ٻهراڙين جي اَٻوجهه ماڻهن ۾ علم پرائڻ جو شعور اچي ۽ اُھي جديد دور واري تڪڙي ترقيءَ جي منزل طئي ڪري سگهن. اسان کي پنهنجي طرفان ڀرپور ڪوشش ڪرڻ کپي، علم جي ڳالهه ڪرڻ سان گڏ نشن پتن جي خلاف جنگ ڪرڻ ۽ شعور جي واڌاري لاءِ ماڻهن ۾ جوت جاڳائڻ وقت جي اهم تقاضا آھي. اهو ڪم نوجوان سڀنيءَ کان سُٺي نموني سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ نوان خيال ۽ نوان جذبا هوندا. اُھي نئين دور جي تقاضائن کي سمجهي سگهن ٿا. ان ڪري ماڻهن ۾ بيداري ۽ جاڳرتا آڻڻ ۽ انهن کي اهو سمجهائڻ ضروري آھي ته علم انسان جي ٽئين اک آھي. علم کان سواءِ انسان انڌو آھي. علم صرف نوڪريءَ جو ذريعو ناهي پر علم زندگيءَ جيئڻ جو ڏانءُ به ڏئي ٿو ته نانءُ به ڏئي ٿو. ان ڪري پاڻ به پڙھو ۽ ٻين کي به علم پڙھائڻ جي تلقين ڪريو.

هي ننڍ وڏائيءَ وارو بيرحم طبقاتي نظام ڪو اڄڪلهه جو ناهي، هن ۾ صدين جو سفر سمايل آھي. هن ۾ بيرحم سرمائيدارانه سوچ شامل آھي. اُھا سوچ جنهن ۾ صرف مسڪينن جو استحصال ٿئي ٿو. هتي هڪڙو مٿانهون طبقو آھي، جيڪو هيٺئين ۽ وچئين طبقي جو هر هنڌ استحصال ڪري ٿو. اهو سرمائيدار، جاگيردار ۽ وڏيرو طبقو قطعي نه چاهيندو ته ڪو وچولو ۽ هيٺيون طبقو تعليم پرائي ترقي ڪري. تعليم حاصل ڪري ويو ته شعور اچي ويندو. شعور هميشه سوال ڪندو آھي ته ائين ڇو؟ ۽ ڇا لاءِ؟ سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي کي سوال هميشه بڙڇي ۽ ڀالي وانگي بُرا لڳندا آھن. اهو قطعي نه چاهيندو ته ڪير ان کان پُڇاڻو ڪري ته ائين اسان جو استحصال ڇو ٿا ڪريو؟ اهو اپر ڪلاس چاهي ٿو ته لوور ۽ مڊل ڪلاس هميشه شعور کان وانجهيل رهي، ته جيئن اُھو ڏاڍو طبقو هِيڻن تي حُڪمراني ڪري سگهن.

ان ڪري اچو ته اهو عهد ڪريون ته پنهنجي نئين نسل کي تعليم سان روشناس ڪنداسين ۽ ان کي وڏيرن جي گار جهڙي غُلاميءَ کان بچائينداسين. توهان سڄي زندگي وڏيرن ۽ جاگيردارن جا واٺا ٿي هلندا، تڏھن پنجاھ سالن ۾ هڪڙي پٽيوالي ڏيئي اوهان تي ٿر جيڏو ٿورو جتائيندا، سو اهڙي ٿوري کان ڀينگ ڀلي آھي. پنهنجي بُک ۽ ڀينگ جو به هڪڙو ڀرم آھي، اچو ته ان ڀرم کي شرم کان بچايون، ڪنهن ايم پي اي، ايم اين اي جي ڇهه آني ڀرڻ کان بهتر آھي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريون. يقينن هيٺئين طبقي وٽ سرمايو نه هوندو، ڇو ته پورهيت طبقو آھي، پر توهان کي ياد رکڻ گهرجي ته، ”پورهيت خُدا جو دوست آھي“. سو اهڙي دوست جي هوندي سوندي ڪنهن ايري غيري سرمائيدار جي پرواھ نه ڪرڻ کپي. پنهنجي اولاد کي پِني به پڙهائڻ گُهرجي. اهو جيڪڏھن پڙھي لکي ڀڙ ٿي ويو ته پاڻهي لُڙ لاهيندو. توهان کي ڪنهن ولگر وڏيري اڳيان پٽيواليءَ جي لاءِ پنهنجا رابيل جهڙا هٿ نه ٽنگڻا پوندا. ڪنهن پارٽيءَ جو پئڊ ورڪر ٿيڻ، ڪنهن ڪرپٽ ڪاموري جي ڪرنش ڪرڻ، ڪنهن وڏيري جا بدنا ڀرڻ، ڪنهن جاگيردار جي جيءَ حضوريءَ ۾ پنهنجي عمر وڃائڻ کان چڱو آھي، پنهنجا پير جَهليون ۽ ڪنهن وڏيري جي بيساکيءَ بدران پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکون. ياد رهي ته پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ پنهنجي اولاد کي پڙھائڻو پوندو! پورهيت طبقي جي ترقيءَ جو ضامن صرف تعليم آھي! اهو رڳو آئون ڪونه ٿو چوان پر سموري دنيا جو اتهاس چوي ٿو. جديد سماج ۾ جيئڻ جي لاءِ پنهنجي زندگيءَ جا معيار بدلائڻا پوندا. جڳ جهان سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائڻ خاطر تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملهائڻ سان گڏُ ترقيءَ جا نوان گس ڳولي لهڻا پوندا. جديد ٽيڪنالاجيءَ جي هن دور ۾ جڏھن دنيا هڪڙو گلوبل وليج بڻجي ويئي آھي تڏھن ته اسان کي پڻ ٻَڌي مُٺ لاک لهي واري ڪهاوت تي عمل ڪندي ڪُجهه پرائڻ کپجي ته اتحاد ۾ ئي عظمت آھي. اچو ته اتحاد قائم ڪريون. اتحاد ۽ ايڪي سان گڏو گڏُ محنت ڪرڻ به سکون ڇاڪاڻ ته محنت ۾ ئي عظمت آھي. محنت اوهان جي ڪڏھن به رائگان ناهي ويندي. محنت جو ميوو مٺو هوندو آھي. ڏُکن پويان جيڪي سُک ايندا آھن انهن لمحن جو لمس ئي پنهنجو هوندو آھي ڇاڪاڻ ته انهن سُکن ۾ محنت جي مٺاس سمايل هوندي آھي ۽ محنت کان مٺو ڪو ميوو ٿي ئي نٿو سگهي.

ڇوڪرين جي تعليم واري شرح اسان وٽ صفا زيرو آھي. هزارن مان ڪو هڪڙو پڙھائي ٿو ته ڀلي نت ٿيو خير. صفا ڪاريءَ وارا ڪَک لڳا پيا آھن. اسان وٽ ٻھراڙيءَ ۾ نياڻين جي تعليم نه هُئڻ برابر آھي. اهو انتهائي ڳنڀير معاملو آھي. اسان کي پُٽن کان پهرين نياڻيون پڙھائڻ کپن ڇاڪاڻ ته هاڻي جيڪو وقت ايندو ان ۾ اڻپڙھيل جو قدر ۽ اهميت تمام گهٽ رهندا. ان ڪري اسان کي گهرجي ته اسين وقت سان گڏ هلڻ سکون. پراڻيون دقيانوسي روايتون سماج مان ڌڪي ڪڍيون ۽ نين ريتن جا نوان رواج وجهون. نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪابه گهٽتائي ناهي بلڪه ماڻهوءَ جي عزت وڌي ٿي. ڳالهه اها آھي ته تربيت سُٺي ڏيو. پنهنجن نياڻين کي پردي پويان قيد ڪري تعليم کان پري رکي انهن کان جيئڻ جو حق نه کسيو پر تربيت سُٺي ڏيئي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو. پنهنجي سنڌي سماج ۾ نياڻين جي تعليم جو ريشو تمام گهٽ آھي اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آھي. ڇاڪاڻ ته جيستائين عورتن ۾ تعليم نه ايندي ايستائين سماج جي ترقي ناممڪن آھي. ان ڪري مهرباني ڪري پنهنجون نياڻيون پڙھايو ۽ وقت سان گڏ هلڻ سکو. دُنيا الئه ڪٿي وڃي پهتي آھي پر اسان اڃا اُتي جا اُتي آھيون. ڇوڪرين کي پڙھائڻ سان اوهان کي نڪو نيات مان ڪير ڪڍي ٿو نه ئي اوهان جي ڪا پيڙهي گهٽ ٿئي ٿي. اُلٽو سماج ۾ اوهان جو مان وڌي ٿو. هي صديءَ تعليم جي صديءَ آھي. هي زمانو علم ۽ شعور جو زمانو آھي. هن زماني ۾ دُنيا کي تعليم يافته معاشري جي ضرورت آھي. نياڻين جي ڏاج بجاءِ انهن جي تعليم تي خرچ ڪريو ڇاڪاڻ ته ڏاج سواءِ ڏيکاءُ جي ٻيو ڪُجهه به ناهي. ڏاج نياڻين جي زندگين جو ضامن ناهي مگر تعليم انهن جي حياتين جي حفاظت ڪندڙ آھي. تعليم انهن کي جيئڻ جو ڏانءُ ڏيندي آھي. توهان پرديداريءَ جي پرمپرا ۾ اچي نياڻين سان ناحق ڪريو ٿا، پر ليڪي جي ”هُن پار“ ڏسو ته خبر پوي نياڻيون به ناموس ڪڍائينديون آھن. آھن ته اُهي به انسان پر اُهي اوهان کان الڳ نظر ايندا ڇاڪاڻ ته انهن وقت سان گڏ هلڻ سکيو آھي. اهي نياڻين کي نه رڳو تعليم ڏيارين ٿا پر انهن کي ڀرپور آزادي به ڏين ٿا ايستائين جو اهي پنهنجي پسند جي شادي به ڪري سگهن ٿيون. پاڻ واري هتي جي سماج کي ان پد تائين پهچڻ ۾ ته اڃا صدي لڳندي پر پاڻ في الحال رڳو نياڻين جي تعليم تي سوچيون تب لک کَٽيوسين! نياڻيون به اولاد آھن. اهي برابر جو حق رکن ٿيون. اهي پڻ انسان آھن. انهن جي به زندگي آھي. اسان کي گُهرجي ته انهن جي زندگيءَ کي تباھ ۽ تاراج نه ڪريون. پنهنجون نياڻيون پڙھايون. ائين جئين پُٽن کي پڙھايون ٿا. نياڻيون به مُلڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪنديون.. پردو ڀلي قائم رکون پر نياڻيون پڙھايون ضرور.