اها حقيقت آهي ته جهالت انسان کي احساسن کان عاري ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ نفيس انساني جذبن کي سمجھڻ نه صرف ڏکيو پر ناممڪن ٿيو پوي. عام طور هڪ ماڻهو دَردَ کي سُڃاڻي ناهي سگهندو. اهي احساس ئي آهن، جيڪي حقيقي معنى ۾ انسان جو ڪل اساس هوندا آهن. انهيءَ اساس کي سانڍڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جا دنيا ۾ مکيه ذريعي ‘لطيف فن’ آهن. ان لاءِ ئي چيو ويندو آهي ته، فائين آرٽس، حقيقي طور ماڻهوءَ کي ماڻهو بڻائيندا آهن. هڪ شاعر، پنهنجو درد، شاعريءَ جي صورت پنن تي اُتاري ٿو ۽ پوءِ هڪ سُريلو آواز ان کي ڳائي ٿو ته ماحول ‘درد ونديءَ جي ديس’ جيان ٿيو پئي. هِي اهي گهڙيون هونديون آهن، جنهن ۾ هڪ انسان ٻئي جي ڪَرِبَ کي محسوس ڪري سگهندو آهي. نتيجي ۾ هن کي پتو پوندو ته ڏُکَ ڪهڙي طرح انسان لاءِ آزار جو سبب بڻجن ٿا.
شاعري هجي يا موسيقي، ڪهاڻيون هجن يا رقص، سنگ تراشي هجي يا مصوري، هِي اهي فن آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي پنهنجو پاڻ سُڃاڻڻ تائين پهچائين ٿا. لطيف فن، ڪنهن به انسان جي جذباتي بلوغت لاءِ اهم آهن ۽ پوءِ اها دُنيا جي مڃيل حقيقت ته دنيا جي جن معاشرن ۾ لطيف فنن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو مليو، انهن ۾ همدرديءَ جا احساس وڌيڪ نظر اچن ٿا. ان جي ابتڙ، جن سماجن ۾ لطيف فنن کي گناهه ۽ گندگيءَ سان تعبير ڪيو ويو، انهن ۾ سختي، انسانن لاءِ آزار ۽ ظلم ڏسڻ لاءِ ملندا آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون سورميون، جنهن وقت ڳايون وڃن ٿيون، انهن جو ذِڪر ٿئي ٿو، ماڻهو انهن کي غور سان ٻُڌن ٿا. سُر سُهڻي جي ترنم ۾ سامهون وارو مرد پاڻ کي ميهار سمجهڻ لڳي ٿو. اهي ٻه مختلف حالتون يا ڪيفيتون آهن، جنهن کي سماج جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. هڪ طرف ته ماڻهو، لطيف فنن کي پسند ڪن ٿا، ٻئي طرف انهن خلاف سخت نفرت پڻ موجود آهي. هڪ طرف ‘ڪونيا ۾ ڪيف وارو روميءَ جو رقص آهي’ تي اعتبار ڪندي ماڻهو رقص ڪن ٿا ته ٻئي طرف رقص کي سماجي طور ڪو سُٺو نه ٿو سمجهيو وڃي. ايتري حد تائين جو ڳائڻ هڪ معيوب ڪم ۽ ‘ميراثي’ خود هڪ ڄڻ ڄڻ گار هجي.
سُڌريل دُنيا ۾ جتي علمي ۽ سائنسي ترقي راڄ ڪري ٿي، اُتي لطيف فنن کي اهم جاءِ مليل آهي. آمريڪا جي رياست لاس اينجلس ۾ باهه، ان ڪري به دنيا جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇِڪرايو ته اتي هالي ووڊ آهي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ فنڪارن جي مان جو فقط پاڻ اندازو ڪري سگهون ٿا. اهي عظيم فنڪار، جن کي اسان جي سماج سدائين ڌتاريو آهي. هر ايندڙ ويندڙ عورت کي پيرن کان مٿي تائين نظرن سان ايڪسري ڪرڻ واري اسان جي قوم لاءِ نورجهان اڃا به طوائف آهي. ڪيتري نه ارمان جي اها ڳالهه آهي ته اسان آرٽ جو قدر ڪرڻ بجاءِ ان کي عيبن سان تشبيهه ڏيون ٿا.
آرٽ جون ڳالهيون لکندي، پاڙيسري ملڪ ۾ ڪجهه سال اڳ ٺهيل فلم ‘مسڻ’ ڏسڻ جو موقعو مليو. اهڙي مووي، جنهن کي ڏسي دل جا درد وڌيو وڃن. بس ڪجهه گهڙيون خاموشي….جنهن ۾ ضبط ۽ حوصلو هٿن مان ڇڏائيندو محسوس ٿئي….فلم جيان هڪ حياتي جنهن ۾ محبتن، تڪليفن، ڏکن، اهنجن جا انيڪ داستان جن جي پڇاڙي ناهي ٿيڻي. اهڙي حالت ۾ معاملا ‘تڏو پرائو، سور پنهنجا’ جي مصداق ٿيو پون. اها صد حقيقت ته پاڻ جنهن معاشري ۾ ساهه کڻون پيا، اتي سالن کان جاري مسئلا، ڪنهن به صورت ختم ٿيڻ جو نالو نه پيا وٺن. بک، بيروزگاري، اڻ ڄاتل خوفَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي، رت روئارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هر ماڻهو ٻئي کان خوفزده آهي. سرڪار رڳو ڪوڙ ۽ ڪوڙ… نقلي دعوائون… ٻٽاڪون. اهڙا حوال جو ٻار به يقين نه ٿا ڪن. ڪو هڪ شعبو کڻي، ان جي ڪارڪردگي جاچجي ته پتو پوندو… پاڻ ان زندگيءَ جي ان شعبي ۾ اڳتي نه پر پوئتي ڌڪجي ويا آهيون. هڪ هجوم آهي، جنهن جي نه ڪا منزل نه ڪو مقصد. سچ ته اهڙي چوريءَ جو شڪار، جنهن جا پير کُر ناهن ملندا! پاڻ وائڙن وانگر اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻندا پيا وتون! پوءِ اهڙي سماج ۾ اهڙيون ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون، جيڪي اندر تائين گهاءَ ڏيو وڃن.
ڪنهن مسڪين، غريب، بکيي جي لاش جي ڳچيءَ ۾ ٽنبيل ڏاٽو هجي يا ڪنهن مسڪين جو ٽن ڏينهن تائين اس ۾ پيل مرده جسم، جنهن جون اکيون. انصاف جي آسري تي کليل هجن. ڪنهن معصوم سان ريپ پوءِ منهن ۾ سروٽا هڻي چهرو بگاڙي ڇڏڻ يا پٽ جو پيءُ کي قتل ڪري ڇڏڻ، زال جو مڙس کي خون ڪرڻ، مڙس جو زال کي ڪهي ڇڏڻ، ماءُ پنهنجن ٻچن کي زهر ڏئي، آخر ۾ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏي. ڏسو غور سان ڏسو. اڄ جي اخبارن جو مطالعو ڪيو توهان کي اهڙيون ئي خبرون پڙهڻ لاءِ ملنديون!
اسان جي آس پاس ۾ موت زندگيءَ جي مٿان حاوي ٿيندو پيو وڃي، رڳو جسماني طور نه پر اهڙو موت جنهن ۾ ماڻهو جيئرو ته هوندو آهي، پر رڳو ساهه کڻڻ لاءِ… ۽ جڏهن ماڻهو ساهه کڻڻ لاءِ جيئرو هجي ته الميي جا انيڪ قصا ڪرُ کڻندا آهن. جيئن: هاڻي اسان جي گهٽيءَ ۾ چاچو غفور نه ٿو اچي. دک جي صدائن ۾ هن جو هوڪو به ڪٿي گم ٿي ويو. هو جيڪو سبزي کپائي گهر جو گذران ڪندو هو. اڄ مڻين مٽيءَ هيٺيان دفن آهي. مان اڪثر هن جي هوڪي تي غور ڪندو هئس. هر ڀيري سبزي کپائڻ جو اهو هوڪو مونکي ‘هل من ناصر ينصرنا’ جيان لڳندو هو. ڪجهه ڏينهن گهٽيءَ ۾ نه اچڻ جي ڪري جڏهن هن جي پڇا ڪيم ته خبر پئي: ان صبح تي هو، پنهنجي گهر ۾ بيمار نياڻيءَ کي ڇڏي ريڙهي تي سبزي رکي ان آس تي شهر جي گهٽين ۾ پهتو هو ته ڪجهه ڏوڪڙ ملن، ڪجهه سبزي وڪامجي ته هو تڪڙو گهر پهچي نياڻيءَ جو علاج ڪرائي. ها، ان ڏهاڙي هن جو هر هوڪو ڄڻ آخري صدا هئي، هڪ خواهش ته جنهن گهٽِيءَ ۾ هوڪو ڏئي، ماڻهو گهرن مان نڪري هن جي ريڙهي تي پيل سبزي، جنهن ۾ پٽاٽا، بصر، ٽماٽا، ٿوم وغيره. پيل هئا، سڀ جو سڀ خريد ڪري وٺن. حالانڪه هو گذريل ڪيترن سالن کان شهر جي سوڙهين ڳلين ۾ مختلف وکر کپائيندو رهيو هو… پر اڄ هن کي ڏاڍي تڪڙ هئي.
چاچو غفور جنهن کي سڄو شهر ‘غفورو ريڙهي وارو’ سڏيندو هو. هڪ ڀيرو ٻيهر نڙيءَ جو پورو زور لڳائي هوڪو ڏنو….هوڪي پوري ٿيڻ کان اڳ ان جي نڙگهٽ مان عجيب آواز نڪتو، هن پنهنجي کاٻي ڪُلهي کي زور سان ڀڪوڙيو ۽ بي حال ٿي پنهنجي ريڙهي جي مٿان ڪري پيو.
ريڙهو غير متوازن ٿي اڳتي ٿڙيو ته غفور جو منهن روڊ سان ٽڪر کائي بال جيان ٿورو مٿي ٿيو ۽ پوءِ هو روڊ تي بي جان ٿي سڌو سُمهي پيو. هن جون اکيون کُليل هيون، ناسن مان وهندڙ رت جا بوڻيڊا حياتيءَ نه پر موت جو پيغام هئا. پاڙيوارن هن جي جسم مٿان ڪپڙو وجهي، جنهن ريڙهي تي سبزي کپائي رهيو هو، ان تي سمهاري لاش گهر پهچايو. ها، غفور جي لاش کي ان ئي ريڙهي تي کڻي گهر پهچايو ويو! هيءَ سنڌ آهي، جتي لاش، ايمبولينس بجاءِ ريڙهن، رڪشائن، گاڏن، مال ڍوئيندڙ گاڏين تي کنيو ويندا آهن. ان ۾ هاڻي ڪٿي به ڪا حيرت جي ڳالهه نه رهي آهي! حيرتون پاڻ وٽ ڪڏهن ڪو موڪلائي ويون!
ان ڏينهن جي شام ڌاري غفور جي جنازي کڻڻ مهل هن جي ننڍڙيءَ جي مرڻ جي خبر به پئي. غفور ته پنهنجي آخري هوڪي سان خدا جي بارگاهه ۾ پهتو، هن جي معصوم نياڻي به جنهن کي راڻي سڏيندو هو رب کي پرتي، بس هاڻي پويان ستن سالن جو پٽ ۽ زال…! سچ ته اهو شخص ڪو طبعي موت ڪونه مئو هو پر هو قتل ٿيو هو وقت ۽ حالتن جي هٿان. توهان ڄاڻو ٿا ته اسان وٽ ڪي ورلي ماڻهو طبعي موت مرندا آهن، باقي ته قتل ٿيندا آهن؛ ڪڏهن بک ته ڪڏهن ڏک جي هٿان… هيءَ درد به هن ڳالهه سان سلهاڙي پڙهيو وڃي ته جڏهن ڪنهن معصوم ٻار کي اسڪول جي بجاءِ پنهنجي معصوم ڪلهن تي ڇولن جو ٿالهه کڻي کپائيندي ڏسجي ته احساس واري انسان جي مٿان ڇا گذرندو هوندو؟ ساڳي اسڪول ۾ ڪجهه ٻار پڙهن پيا، ڪجهه ڇولا، گجرون کپائن پيا. اها آهي اسان جي سماج جي حقيقي تصوير.
سچ ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ان ٻار جي هوڪن ۽ صدائن ننڊ حرام ڪري ڇڏي، جيڪو هوڪن سان گڏ اهو به چئي رهيو هو: ‘مونکان ڇولا وٺو… مونکي گهر وڃڻو آهي…’ ڪيڏو نه درد هو ان جي آواز ۾، هُو بار بار اهي لفظ ورجائي رهيو هو: مونکي گهر وڃڻو آهي… سمجهي سگهان پيو ته هن جي جيجل ماءُ سندس راهه تڪيندي هوندي. اهڙا منظر ڏسي من ۾ ماتام مچي وڃي ٿو. سچ ته اسان خوشحال سنڌ جا مسڪين ماڻهو آهيون.
هڪ ڳالهه جيڪا شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته اهي مامرا صرف سرڪار جي به ناهن. الائي ڇو عام ماڻهن جا رويا به سخت ۽ بي حس ٿيندا پيا وڃن. جڏهن به ڪنهن معصوم پورهيت کي ڪو دڙڪا ڏيندو آهي ته پاڻ کي مرندي ڀائيندو آهيان؛ پر ڇا ٿو ڪري سگهجي، جڏهن هر پاسي فرعوني ڪردار پکڙيل هجن. انهن شين تي غور ڪري ڪڏهن ٿڪجي پوندو آهيان. دماغ مائوف ٿي ويندو آهي. سوچيندو آهيان ته هن سماج جو تبديل ٿيڻ ڏکيو نه پر ناممڪن آهي. اهڙين حالتن ۾ جتي لطيف فن حرام هجن ۽ ٻين جا حق کائڻ حلال هجن ان ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.