واشنگٽن(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) جي مالڪ ايلون مسڪ جي تيهرين ٻار جي ماءُ بڻجڻ جي دعويدار عورت ايشلي سينٽ ڪليئر قانوني جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 26 ورهين جي ايشلي، ايلن مسڪ خلاف پنهنجي ڇهن مهينن جي ٻار جي واحد قانوني سرپرستي لاءِ ڪيس داخل ڪيو آهي. درخواست سان گڏ ايشلي ڪيئر ايلون مسڪ سانٿيندڙ چيٽس جا اسڪرين شاٽس به لڳايا آهن. ايشلي دعويٰ ڪئي آهي ته ايلون مسڪ مختلف تحريري پيغامن ۾ ٻار جي والد هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ٻار جي ڄمڻ تي مبارڪن وارو ميسيج به ڪيو هو. عورت موجب هن ميسيج جي جواب ۾ ايلون مسڪ کي ٻار ۽ پنهنجي تصوير اسپتال مان ئي اماڻي هئي.جواب ۾ ايلون مسڪ لکيو هو ته توهان ٻنهي سان ملڻ لاءِ ويڪ اينڊ تي ايندس. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيويارڪ سندن ٻارن جي اباڻي رياست آهي، ۽ ايلون مسڪ سندس ٻار جو پيءُ آهي. ٻار جي پيدائش سيپٽمبر ۾ ٿي هئي. ٻار ڄمڻ وقت ايلون مسڪ موجود نه هو ۽ هيل تائين پنهنجي ٻار کي ڏسڻ لاءِ صرف ٽي ڀيرا آيو آهي. هيل تائين ٻار جي پالنا ۾ ايلن مسڪ جو ڪو ڪردار ڪونهي، ان ڪري ٻار جي پيٽرنٽي ۽ گارجيئن شپ مون کي ڏني وڃي. هن چيو ته ايلون مسڪ سان ٻه سال اڳ رومانوي لاڳاپا شروع ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻار جي پيدائش ٿي.