هي نظام آ خراب……

0
54

دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته هن دنيا ۾ سدائين ٻن قسمن جي سوچ وارن ماڻهن ۾ جنگ جاري رهندي آئي آهي، هڪ تعميري ٻيو تخريبي… تعميري ۽ تخريبي سوچ وارن  ماڻهن ۾ سدائين لفظي جنگين کان تلوارن واري جنگ ۽ هن ڊجيٽل دور ۾ وري ”سائبر وار“ جي حڪمتِ عملي تحت لڙايون رهيون آهن يا ٿي رهيون آهن.. تعميري سوچ سدائين دنيا کي بدلائڻ، ان ۾ توازن پيدا ڪرڻ، ميرٽ جو احترام ڪرڻ، ”جنهن جو ڪم اُن کي ٺهي“۽ ”جيڪو شخص جيڪو ڪم ڄاڻي ان کي اهو ئي ڪم ڪرڻ ڏجي“ جهڙن لازوال نظرين تي بيٺل رهيو آهي…جڏهن ته تخريبي عنصر سدائين ان جي مخالفت ۾ زور آمائي ڪندا رهيا آهن. مثلن ”نه پاڻ ڪنداسين نه ٻئي کي ڪرڻ ڏينداسين، “ اسان صحيح ٻيا غلط، ”اسان جي راءِ فائنل(حتمي) ۽ ٻين جي راءِ غير جٽادار،“ پنهنجي پرائي (هر شيءَ تي) اسان جو پهريون حق آهي (ان لاءِ ان کي هڙپ ڪرڻ اسان تي فرض آهي) ۽ حقدار جو ثانوي حق وغيره وغيره… پهرين قسم جي غير نظرياتي ۽ غير سائنٽيفڪ ماڻهن جي سوچ سدائين ٻين جي لاشن تي پنهنجا محل اڏڻ، عوام تي پنهنجي دقيانوسي حڪمن کي مسلط ڪرڻ، قابل ماڻهن کي ديوار سان لڳائي پاڻ ۽ پنهنجي نااهل (راشي) ماڻهن/مائٽن کي اڳيان آڻڻ ته جيئن سندن جبر وارو نظام هلندو رهي، جنهن ۾ فقط ۽ فقط انهن جا مفاد ئي شامل هوندا آهن.. سندن اهڙي جبر، ڏاڍ ۽ ناانصافي خلاف اُٿندڙ هر آوزا کي چِٿڻ، دٻائڻ، ان جو ڳلو گهُٽڻ، ان کي سدائين لاءِ خاموش ڪري ڇڏڻ ئي انهن جو مَرڪ هوندو آهي.. مگر باوجود ان جي اهڙي انڌ، ناانصافي، جبر، ڏاڍ ۽ اقربا پروري خلاف متاثر اڪثريت جي دلين ۾ سدائين هڪ غُصو پيو پلجندو رهندو آهي جيڪو هڪ ڏينهن لاوو يا سيلاب بڻجي انهن جي هر ٺڳيءَ جي ٺاھن ۽ جعلسازين کي ساڙي ۽ لوڙهي ڇڏيندو آهي. دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جو عوام جي اهڙي ڪاوڙ جي لهر اڳيان وڏيون بادشاهتون، طاقتور حڪمران ۽ ڦورو طبقا واريءَ جي ديوار وانگي ڊهي پٽ پئجي ويا.

بدقسمتي سان سنڌ هن وقت اهڙي ئي بدترين استحصالي ۽ ڦورُو طاقتن جي رحم و ڪرم تي جيئي پئي. اهو ڪو پهريون دفعو ناهي جو اهڙي ظلمي نظام جي سزا عوام کي ملي هجي، ماضي اهڙن قصن سان ڀريو پيو آهي، جو ڪيئن نه ڄاڻي واڻي خدا جي خلق کان جيئڻ جو حق کسيو ويو. ڄاڻي واڻي کين موت جي مُنهن ۾ ڌِڪيو ويو، سندن رهڻ لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئي، موت کي به مشڪل بڻائي سندن لاءِ زندگيءَ کي سقراط وارو جامِ زهر بڻايو ويو. هزارين شڪوا ۽ شڪايتون آهن، لکين فريادون آهن (جيڪي ٻُڌجڻ کان اڳ ئي خاموش ڪيون وينديون آهن) ڪروڙين واڪا آهن جيڪي ڪري ڪري ڳلا خشڪ ٿي ويندا آهن مگر ٻڌڻ وارو ڪير ناهي هوندو!! انڌن جي اڳيان روئڻ اکين جو زيان واري مثال وانگي بيداد حاڪمن کان ڀلائي جو ڪو آسرو نه رهيو آهي، بس هر ڪو پنهنجي ڏکن جون ڳنڍيون پنهنجي ڪُلهن تي کڻي گهمي رهيو آهي، ڏک جن جي ڪا مارڪيٽ به ناهي هوندي جو اُهي اُت فروخت ڪري سگهجن، ڏک جن جي ڪا پِڙي به ناهي لڳندي جو انهن کان سستن اگهن ۾ ئي جان ڇڏائجي… ڏک ته ڪٻاڙخانن ۾ به ناهن وڪامندا، هي دور ته اسٽاڪ مارڪيٽ جو آهي، پروفيشنل ازم جو دور آهي.. ريئل اسٽيٽ جي بزنس جو آهي، بي رحم سياست، بي رحم ڪامورا شاهي، بي رحم دڪانداري بي رحم  بزنس جو دور آهي، شاطر ذهنيت، ٺڳي ۽ چالاڪي جو دور آهي. سادن ماڻهن جي اکين ۾ ڌُوڙ وجهي انهن کي آسرن ۾ رهائي مارڻ جو دور آهي، کين (ڌوڪي جو) لالي  پاپ ڏيکاري سندن اَرڪو تَرڪو چٽ ڪري کائڻ  جو دور آهي… گذريل ٻن مهينن کان سنڌ جيڪو ڪجهه ڀوڳي پئي دنيا ۾ ان جو مثال نه ملندو.. چوندا آهن ته ماڻهو جڏهن سڀ ڪجھه لُٽائي هوش ۾ ايندو آهي تڏهن کيس خبر پوندي آهي ته زندگيءَ جي ڪسوٽيءَ ۾ ڇا نفعو ۽ ڇا نقصان بيٺو آهي…زندگيءَ جي پينڊوليم ۾ هُو ڪٿ ڦاٿل/لَٽڪيل آهي يا سادو ڇيد ته سندس حصي جو داڻو پاڻي (حق) ڪير ڪير کائي ويا آهن؟ سندس حصي جي زندگي ڪير پيو جيئي ۽ هاڻ  هُو سماج ۾ بلڪل هڪ ناڪاره فرد جي حيثيت سان وڃي بچيو آهي!

مان هن وقت رهبر ڀٽائي سان هڪڙو حجائتو شڪايتي (سوال ڪندس) ۽ کائنس پچڻ چاهيندس ته سائين جن جنهن ”ننڊ عبادت جن جي“ واري ٽولي جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي اُهي ڪير آهن؟؟؟ هي جيڪي هن وقت روڊن تي بي يار ۽ مددگار پيا آهن ۽ جاڳن ٿا سي ڪهڙي ڪئٽيگري ۾ آهن؟ جن جو الھه تلھه وکري ۽ لُڙهي ويو، وٽن تن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو نه بچيو، پيرن ۾ پائڻ لاءِ جُتي نه بچي، ڀيٽ ڀرڻ لاءِ  گرھه ڪونهي، روڊن جي ڪناري سمهي سمهي سندن ۽ سندن ٻچن جي پُٺن جي کل لهي وئي آهي، پوءِ به مکين، مڇرن، ڪِولين، ماڪوڙين ۽ ٻين زهريلن جانورن، بخار، زڪام، تپ ۽ ڊائريا جهڙين موذي مرضن سان مهاڏو اٽڪائي رکيو اچن ٿا ته جيئن صرف سندن ٻچڙا بچي پون، سندن مستقبل جي خوابن کي ڪو ڇيهو نه رسي، ڇا انهن جا اوجاڳا اجايا آهن؟ انهن جون اکيون جيڪي هن مٺي موسم ۾ پنهنجي گهرن ۾ سڪون جي ننڊ ستل هونديون هيون هاڻ ننڊ جي پنڪي ڪاڻ سڪي مري ويون آهن… ”پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن “ واري مثال وانگي سندن چوڌاري پاڻي ته جام آهي پر هاڻ هُو  ان پاڻي تي ناراض آهن، ڪاوڙيل آهن..  جنهن ڪري احتجاجن هاڻ هُو اهڙي پاڻي سان منهن به نه ٿا ڌوئن، وار به نٿا ڌوئن ته بدن به نه ٿا ڌوئن، ڇو ته اهو پاڻي سندن خواب لوڙهي ويو آهي، سندن جيئڻ جا سهارا ٻوڙي ويو آهي، سندن اجها ڪيري پٽ ڪري ويو آهي، کين رولي ۽ دربدر ڪري ويو آهي.. وڏي ڳالھه ته سندن زندگيءَ جو تماشو بڻايو ويو آهي.. ان جي برعڪس جيڪي وزير، مشير، زميندار، صلاحڪار، ڪامورا ۽ سياستدان رات جو شراب ڏوگهي سڪون جون ننڊون ڪري، صبح جو انهن روڊن جي ڪنارن، واهن جي ڪپرن، پراڻين سرڪاري عمارتن ۽ خيمن ۾  سَٿيا پيا آهن، زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندڙ  اهڙن زنده لاشن سان هي سُورما وڃي جيڪي فوٽو سيشن ڪري ايندا آهن ڇا انهن جون ننڊون  عبادتون آهن؟.. ڏسڻ ۾ ته اهو ٿو اچي جو انهن (حڪمران ٽولي) کي ته ننڊون ڪندي سڀ ڪجھه ملي ٿو وڃي ۽ برسات ۽ سيلاب متاثرن کي اوجاڳا ڪندي به ڪجھه نه ٿو ملي… مگر جڏهن تون  (ڀٽائي)  اڳتي لکين ٿو ته ”وَر وائيءَ جو جي لهين“ تڏهن سڀ ڪجھه سمجھه ۾ اچي ٿو وڃي.. هن (حڪمران ٽولي جي) وايُن (ڳالهين) ۾ ئي ڪي وَر رکيل آهن….جڏهن تون وري چوين ٿو ته ”وَر ۾ وَر نه ڪو، ڏيرن مَدي مَن ۾“ تڏهن ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ڪريو ڇڏين.. بابا ڀٽائي موجوده سنڌ جي تباهي جون سَڌون (خبرون ۽ اڳڪٿيون) ته تون سوين سالن کان ڪندو پيو اچين،  ٻڌائيندو پيو اچين، سمجهائيندو پيو اچين مگر اسان کي پُٽ ڏين ته مڃينداسين باقي هي شاعري ٻائري کان پاڻ ڪين ڄاڻون..هي جيڪو تون چوين ٿو ته ”وَر ۾ وَر نه ڪو“ بس ڳالھه ئي ختم. هي سنڌ ڌرتيءَ جي تباهي ڪو عذاب ناهي، ڪو اسان جي گناهن جي سزا ناهي پُنهون ۽ ( فطرت) ته اسان سان سچا آهن مگر ”ڏيرن“ (حُڪمرانن) جون بي ايمانيون، منافقتون، انهن جي دلين ۾ پلجندڙ دُوئيون، بدخواهيون ۽ بُريون نيتون اسان کي هر دفعي مارايو رکين ٿيون……

اسان جي حصي جي روڊ رستن، اسڪيمن، ترقياتي ڪمن، ڳلين، مُحلن، گهٽين، نالن، نالين وغيره جي پلاننگ لاءِ ايندڙ پئسا کَريل شڪلين وارا اهي سياسي ياجوج ماجوج  کايو وڃن، مسڪينن کي ته اها به خبر ناهي ته هي جيڪو کُوھ جي تري ۾ ان جو گهر ٺهيل آهي تنهن جي لاڳت کان به وڌيڪ  رقم سان ته صرف (اڇي ڪاغذ تي) ڀوتار جي بنگلي جو نقشو ٺهي ايندو آهي…! هاڻي جڏهن لَکن جي حساب ۾ ڀوتار جي بنگلي جو صرف نقشو ٺهي اچي ته ان ۾ ته آرڪيٽيڪٽ/ انجنيئر ان کي هڪ ته زمين جي ليول کان اٺ  ڏھ فُوٽ مٿي رکندا (۽ ٻيڻ تي ان جو بنياد زمين ۾ لوھ ۽ ڪنڪريٽ سان مضبوط ڪري رکيو ويندو) زلزلي پروف رکڻ سان گڏ، Rain Proof ، جديد ڊرينيج سسٽم، وينٽيليشن سسٽم، مقصد ته ڀوتارڪي جاءِ پُر آسائش هجڻ سان گڏ هر قدرتي آفت  کان محفوظ  ڊيزائن ڪري بڻائي ويندي آهي…ڀوتارن جون ڪروڙن جون جايون ڪرپشن ڪري عوام جي نالي تي ايندڙ پئسن مان ئي ٺاهيون وينديون آهن…ٻين لفظن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ ايندڙ ڪروڙين اربين رپيا ۽ فنڊ هي ڀوتار پنهنجي محل ماڙين، زمينن ۽ جائدادن ٺاهڻ تي اُڏائي ڇڏيندا آهن.. سو هينئر به ڪجھه نه بدلبو، سڀ ڪجھه پهرين وانگر ٿيندو، عالمي برادري کان  ٻوڏ متاثرمسڪينن جي نالي تي ملندڙ فنڊ ۽ امداد حڪمرانن جي ڪرپشن جي نذر ٿي ويندا، سندن  بنگلن، فليٽن ۽ ٻين ڪاروباري مقصدن جي زيبائش ۽ آرائش تي ائين استعمال ٿي ويندا جو عوام جي ملائڪن کي به خبر نه پوندي…

ان لاءِ ته چئون ٿا ته هي نظام آ خراب، انقلاب انقلاب….