هي قبرستان سيدن جو آهي

0
136

سنڌو درياءَ  جي ڪناري آباد هڪ قديم ڳوٺ سن آهي جتي انهي ڏهاڙي هزارن جو ميڙ  هو. نوجوان، پوڙها، اڌ اگهاڙا، پير، غريب، هاري سڀئي هئا. خوشبو  وارن بوسڪي جي وڳن ۽ پجيرو گاڏين  ۾ امير وڏيرن جو به هڪ ميڙ هو.

هر پاسي ڳاڙها جهنڊا جهولي رهيا هئا. ايئن محسوس ٿي رهيو هو انهي ڳوٺ ڄڻ رنگبرنگي سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪ جي چادر اوڍي هجي. “تنهنجو سائين، منهنجو سائين،  جي ايم سائين، جي ايم سائين، تنهنجو رهبر ،منهنجو رهبر، جي ايم سيد ،جي ايم سيد” ڪاليجن ۽ يونيورسٽي  جا جذباتي شاگرد اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي پنهنجي اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪري دنيا کان رخصت ڪري رهيا هئا.  جتي هن جا چاهيندڙپروگريسو ۽ قومپرست سياست جوباني سمجهندا آهن اتي تنقيد ڪندڙ کيس “غدار” جهڙن لقبن سان سڏيندا رهيا آهن.

                 انهي ڏينهن انهن “سياسي پوئلڳن” پنهنجي روحاني پيشوا جي جنازي ۾ قرآن شريف جي تلاوت سان گڏ ٻين مذهبن جا مقدس ڪتاب گيتا، توريت، بائيبل  به پڙهيا جيڪا سندن چواڻي جي ايم سيد جي ٻين مذهبن سان عقيدت جي عڪاسي هئي.

 انهي جي اباڻي قبرستان حيدر شاهه سنائي ۾  تدفين وقت وڻ کي ٽيڪ ڏئي ويٺل   هڪ ماڻهو سڏڪا ڀري روئي رهيو هو. جنازي نماز ۾ موجود هر ماڻهو  کي سڃاڻيندڙ ۽ جي ايم سيد جو خاص خادم. هن سڄي زندگي هن سان ئي گڏ  گذاري هئي،  نظر بندي  هجي يا سنڌ  جو سياسي دورو يا نوجوانن سان “سائين” جون ڪچهريون، هو سدائين گڏ ئي نظر  ايندو هو،  نالو ماسٽر غلام قادر ، ذات ملاح.  ٻڌايو پيو وڃي ته جي ايم سيد جي ٽيجهي واري ڏينهن ماسٽر غلام قادر ملاح به دنيا  کان موڪلايو.

 ستم ظريفي ته ڏسو پنجويهه ڇويهه سالن کانپوءِ جي ايم سيد جو خاندان ۽ ماسٽر غلام قادر جي ملاح برداري آمهون سامهون آهن. مسئلو اهو حيدر شاهه سنائي قبرستان آهي جتي  جي ايم سيد ۽ ان جو دادلو غلام قادر ملاح دفن آهن.

ملاح برداري جيڪا انهي ڳوٺ ۾ صدين  کان آباد آهي ۽ روايتي طور جي ايم سيد  جي  قومپرست سياست جي حمايتي رهي آهي  پر هنن ڏينهن ۾ سراپا احتجاج آهي. هتان جا رهواسي واقعو  ايئن ٿا ٻڌائين ته گذريل مهيني قبرستان ۾ مقامي  ميونسپل  ڪميٽي جي  اهلڪارن جي غير معمولي چر پر ڏٺي وئي.  شروع  ۾ محسوس  ٿيو ته شايد قبرستان  ۾ ڪا مرمت يا صفائي وغيره ٿي رهي هوندي، پر جڏهن مقامي ملاح برداري جا ڪجهه ماڻهو قبرستان ۾  پنهنجي مٽن مائٽن جي قبرن تي حاضري ڏيڻ ويا ته قهرام مچي ويو، لڳ ڀڳ ٻارنهن  قبرون کوٽيل  هيون.

خبر پئي ته سيد ظفر شاهه، جيڪو جي ايم سيد  جو پوٽو آهي، اها ڪارروائي ان جي حڪم تي ٿي آهي. ملاح برداري جي قبرن  مان هڏا ڪڍيا ويا ۽ ٻئي هنڌ  اجتماعي  طور تي منتقل ڪيا ويا.

 بقول هڪ ملاح جي “اسان احتجاج ڪيو ته ظفر شاهه چيو ته اهو قبرستان سيدن جو آهي، اسان جون عورتون دفن آهن، ملاحن جي قبرن سان بي حرمتي ٿئي ٿي.”  شروع ۾ انهي واقعي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ايئن  ممڪن نه ٿي سگهيو. معاملو ايترو  شدت اختيار ڪري ويو، جو سنڌ جي مذهبي  رواداري ڀائيچاري جي سماجي سڃاڻپ   لڏي وئي.

سنڌ جي انساني حقن  جا علمبردار  رهنما  جن ۾ دانشور ۽ ناميارو ليکڪ جامي چانڊيو،  امر سنڌو  ۽ عطيه دائود شامل آهن، معاشري ۾ انهي “غير انساني ۽ وحشياڻي عمل” خلاف احتجاجي پرچار ڪري رهيا آهن.

ڪجهه سال اڳ  بدين ۾ انتهاپسند جٿن قبرستان ۾ هڪ شخص ڀوري ڀيل جي لاش کي ڪڍي اڇلائي  ڇڏيو هو.  انتهاپسندن جي نظرن ۾ ڏوهه ڀوري ڀيل جو هو. هندو ۽ اهو به دلت ! ڪيئن  مسلمانن جي قبرستان جي اڱڻ ۾ دفنايو ويو؟ پر سياسي، قومپرست جماعتن  ۽ انساني حقن جي تنظيمن هڪ زبان ٿي واقعي  جي مذمت  ڪئي ۽ هندو برداري سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو هو.  انهي وقت انهي رجحان کي سنڌ سان جذباتي لڳاءٌ رکندڙ “ڪجهه شخصيتن” غير فطري ۽ سنڌ ڌرتي تي ڌاري ثقافت مڙهڻ جي سازش ڄاڻايو هو.

سنڌ صوفين جي  سرزمين آهي ڌرتي تي انتهاپسنداڻي سوچ ڪيئن ٿي مڙهي سگجهي؟  اسان ته ننڍ پڻ کان هن ڌرتي تي هندو مسلمان هڪ ڏٺا آهن. هولي هجي يا ڏياري يا پوءِ عيد جو ڏينهن، اسان ته تحفا مٽا سٽا ڪندي ڏٺا آهن.

پر ماضي ۾ انتهاپسندي جا ٻج ڇٽيا  ويا هئا،اهي  هاڻي وڌي  وڻ ٿي رهيا آهن  ۽ سنڌ جي سرزمين تي پکڙيل انهي جون پاڙون هاڻي ڌرتي جي صوفي سڃاڻپ کي کائي  رهيون آهن ۽ اسان ماضي جي رومانس ۾ شايد مدهوش ئي رهڻ چاهيون ٿا.  سنڌ ۾ انساني حقن جي سرگرم اڳواڻ عرفانه ملاح چئي ٿي ته “واري ۾ اٺ پکي وانگر منڍي لڪائڻ سان سنڌ ۾ تلخ حقيقتن جي تبديلين کان منهن موڙي نه ٿو سگهجي ۽ وڌندڙ انتهاپسندي ذات پات جو سماجي فرق سنڌ  ڌرتي جي لاءِ ناسور جي شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي.”   هو چئي ٿي ته“ پهرين وڏيرن جي سياسي ڪيٽين سياسي ٻوسٽ جو ماحول پيدا ڪيو ۽ هاڻي ذات پات جي  بنياد تي سماجي ورهاست جون ڪيٽيون ٺاهي ڌرتي جي سڃاڻپ کي چٿيو پيو وڃي.”  هو چئي ٿي “سيد شخصيت ڪهڙي به هجي، ذات  اعليٰ ۽ مٿانهين آهي ۽ مان ڊاڪٽريٽ ڪري به هيٺين ذات، ڇاڪاڻ ته مان ملاح آهيان.  منهنجي برداري جي وڏڙن جون قبرون به قبرستان ۾ قبول نه آهن.  سنڌ ۾ قبرستان به هاڻي سيدن جا الڳ ٿيڻ لڳا آهن ته اهو اسانکي پنهنجي ڌرتي تي قبول ناهي.”

سيد برداري جا ذميوار انهي انفرادي عمل کي  برادري خلاف سوچيل سمجهيل سازش سمجهن ٿا  ۽ انهي واقعي خلاف آواز اٿارڻ وارن کي برادري کي بدنام ڪرڻ جو ذميوار سمجهن ٿا.

منهنجي پنهنجي پرورش سنڌ جي معاشري ۾ ٿي آهي.  انهي معاشري ۾ سيدن کي مٿانهون ئي سمجهيو ويندو آهي. پهرين ته سيد خاندان جون شاديون رڳو پنهنجي  ذات سان تعلق رکندڙ خاندان تائين محدود هونديون هيون،  تبديل ٿيندڙ وقت سان گڏ پوءِ ٻين ذاتين جي خاندان جي ڇوڪرين سان شاديون ڪرڻ جا مثال به ڏٺا ويا.

 پر هاڻي به جيڪڏهن سيد خاندان جي ڇوڪريءَ ڪنهن ٻي ذات جي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ چاهي ته اڪثر انهي کي سماج بدر ڪيو  ويندو آهي يا پوءِ خانداني  ڪاوڙ سالن تائين جاري رهندي آهي.   پراڻي زماني ۾ سيد خاندانن جي ڇوڪرين کي “قرآن سان شادي” جي رسم ذريعي  پنهنجي فرسوده رسم رواج تي قربان ڪيو ويندو هو.

 سنڌ جو شاعر ۽ صحافي اشفاق آذر هڪ قصو  ڪجهه  هيئن ٻڌائيندو آهي.“ شڪاپور ۾ اسان جي پاڙي ۾ هڪ سيد خاندان جون چار ڇوڪريون هيون هاڻي هو پوڙهيون ٿي ويون آهن پر انهي فرسوده رواج سبب انهن جون شادي نه ٿي سگهيون، هاڻي برڪت واريون بيبيون سمجهيون وينديون آهن.  پاڙي، ڀرپاسي جا ماڻهو انهن کان فال ڪڍرائيندا آهن ۽ پنهنجي قسمت بدلائڻ لاءِ دعائون وٺندا آهن.”

 قرآن سان شادي جي رسم کي جديد دور ۾ محقق چئلينج ڪن ٿا ۽ انهي کي دراصل حق معاف ڪرائڻ جي رسم مڃين ٿا. جڏهن سيد خاندان ۾ ڇوڪريءَ لاءِ رشتو نه ملي رهيو هجي ته ڇوڪريءَ کي هن رسم جي زنجير ۾ جڪڙيو ويندو آهي. رسم جي ڪري  سيد خاندان جون اهي ڇوڪريون پنهنجي شادي ۽ خاندان جي ملڪيت ۽ زمين مان حصي جو حق معاف ڪري  ڇڏينديون آهن ۽ پنهنجي حويلين ۾ سڄي زندگي جي قيد ڪاٽيندي موت جون گهڙيون ڳڻينديون رهنديون آهن.

سيد پنهنجي ذات جي نسبت کي حضور پاڪ جي خاندان سان جوڙين ٿا ۽ معاشري ۾ مٿانهون درجو حاصل ڪن ٿا. انهن جي سنڌ ۾ آمد محمد بن قاسم جي دور ۾ ٻڌائي وڃي ٿي  پر ڪجهه روايتن مطابق انهي سلسلي  جي شروعات ڪربلا جي واقعي کانپوءِ ٿي. سنڌ  معاشرو جنهن جو بنياد صوفي ثقافتن سان رڱيل آهي اتي سيدن کي انتهائي  احترام ۽ عزت جو مقام حاصل آهي.

آهستي آهستي با اثر سيد خاندانن معاشري ۾ حاصل ٿيل حقن سان گڏوگڏ  سياسي هڪ هٽي به حاصل ڪئي.  مخدوم هجن يا پير ڳوٺ جا پيرپاڳارا هجن يا سکر جو خورشيد شاهه، خيرپور جو قائم علي شاهه هجي، يا شاهه رڪن عالم جو گادي نشين شاهه محمود قريشي سڀئي چونڊن دوران سنڌ ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رڌل نظر ايندا آهن. اسميبلي  ميمبرن جي نالن سان سيد ۽ شاهه  ايترا آهن جو ڳڻيندي ڳڻيندي ساهه منجهڻ لڳي.

جي ايم سيد جو خاندان به سياسي هڪ هٽي جي ڳولا ۾ آهي پر سدائين ناڪام ئي رهيو. سيد  ظفر شاهه جنهن کي ملاح برادري جي وڏڙن جي قبرن جي بيحرمتي جو ذميوار سمجهيو پيو  وڃي،  انهي جو سوشل ميڊيا تي ڪجهه جملن جو پيغام آهي ته “کيس افسوس ٿيو آهي.” پر ڇا اهو ڪافي آهي؟ جي ايم سيد جي نالي سان جيءَ رهيو آهي، انهي جي فلسلفي تي ٽِڪو لڳايو  اٿس، جيڪو شايد ڪڏهن ميسارجي نه سگهي.

ڪجهه سال اڳ پنهنجي دوستن جامي چانڊيو ۽ ناز سهتو سان گڏ  ٿر کان لاڙڪاڻي سکر ۽ گهوٽڪي تائين جو سفر ياد اچي رهيو آهي شاهه لطيف ڀٽائي جي درگاهه ۾  انهي جو هندو مريد واڳند دفن آهي. ناز سهتي ڀٽائي جي پنهنجي هندو فقير لاءِ “بلاول” سر ۾  چيل ڪلام مان  شعر ٻڌايا. سچل سرمست جي درگاهه پهتاسين ته ان جي اڱڻ ۾ انهي جو هندو فقير “نماڻو”  ۽ مريد نندني شيوڪ رام جون قبرون به موجود آهن.

 اسان دوست ماضي جي مذهبي رواداري جي ڳڙهه سنڌ جي ثقافت جي يادن ۾ گم  هئاسين. فقير صوفي ڪلام ڳائڻ ۾ مصروف هئا. جڏهن اسان درگاهه مان نڪتاسين ۽ پوئتي نظر ڦيرائي  ته خيال آيو ته ڪٿي اهي روايتون رڳو سنڌ جي رومانوي تاريخ جي پنن ۾ ئي نه بند ٿي وڃن. دل ۾ هڪ اڻ ڏٺل  خوف هو ته ڪٿي وڌندڙ انتهاپسندي جي ڌٻڻ سنڌ جي ثقافت ئي نه ڳڙڪائي وڃي. اها ٻوڏ اسان جي سونهري يادن کي ئي نه  لوڙهي  وڃي.