مُني صديءَ کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود هن خطي تان جنگ جي امڪانن ۽ خوف جا ڪارا ڪڪر ختم ٿي نه سگهيا آهي. اهي وسيلا، جيڪي ملڪن جي ترقي ۽ عوام جي خوشحاليءَ تي استعمال ٿيڻ گهرجن ها، اهي جنگي تيارين جي بٺين جو ٻارڻ بڻجندا رهيا آهن. ڀارت جو جنگي جنون ان جو بنيادي ڪارڻ آهي. جڏهن کان پاڙيسري ملڪ جون واڳون نريندر موديءَ جي هٿن ۾ آيون آهن، ان جنون ۾ ويتر اضافو ٿيو آهي. پهلگام واقعي کي بنياد بنائي مودي وري نئين مهم جوئي ڪرڻ چاهي ٿو. هو ڀارت ۾ شديد افراتفري، آزاديءَ جي تحريڪن تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ لاءِ نئين مهم جوئي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن جي شروعات هن سنڌو طاس معاهدي جي معطليءَ سميت مختلف قدمن وسيلي ڪري ڇڏي آهي. مودي انتظاميا کي اها ڳالهه ڇو نٿي سمجهه ۾ اچي ته پاڪستان به هڪ ائٽمي طاقت آهي ۽ پاڪستان سان کؤنس هاڃيڪار ٿي سگهي ٿي.
جنگ هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو تباهي، انساني جاني نقصان ۽ معاشي ابتري جو سبب بڻجي ٿو. دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته جتي جتي جنگ پنهنجا چنبا کوڙيا، اتي رڳو لاشن، بک، نفرت ۽ بربادي جنم ورتو. بدقسمتي سان ڏکڻ ايشيا، خاص طور تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري تڪرار، مودي جي اٻهرائيءَ جي ڪري جنگي جنون ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، جيڪو سڄي خطي جي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي. ڏکڻ ايشيا اهو خطو آهي، جتي دنيا جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ چوٿون حصو رهي ٿو. هتي اڳ ئي غربت، گهٽ تعليم، صحت جون ناڪافي سهولتون ۽ ماحولياتي چئلينجن سميت ڪيترائي مسئلا عوام کي درپيش آهن. اهڙي صورتحال ۾ جنگ جون ڳالهيون ڪرڻ يا ان جو ماحول پيدا ڪرڻ غير ذميواراڻو عمل آهي. هن خطي کي هٿيارن جي ڊوڙ نه، پر تعليم، صحت، پاڻي، خوراڪ ۽ روزگار جهڙن بنيادي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اڳ ئي چار جنگيون ٿي چڪيون آهن ۽ درجنين ڀيرا سرحدي جهڙپون به ٿيون، پر هر دفعي نتيجو انساني جانين جي نقصان، معيشت جي ڪمزوري ۽ عوام جي وچ ۾ وڌيڪ نفرت جي صورت ۾ نڪتو. ائٽمي هٿيارن جي موجودگي هن ڇڪتاڻ کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن خدانخواسته ڪا وڏي جنگ شروع ٿئي ٿي ته ان جا اثر صرف ٻنهي ملڪن تائين محدود نه رهندا، پر بنگلاديش، نيپال، سري لنڪا، افغانستان ۽ چين جهڙا پاڙيسري ملڪ به ان جي لپيٽ ۾ اچي سگهن ٿا. امن ڪو خواب يا رڳو نعرو نه آهي، پر اهو ترقي ۽ خوشحالي جو بنياد آهي. جن قومن امن کي پنهنجو مقصد بڻايو، اڄ اهي دنيا جون اڳواڻ معيشتون بڻجي ويون آهن. جرمني ۽ جاپان جهڙا ملڪ ٻي عالمي جنگ ۾ مڪمل طور تباهه ٿي ويا هئا، پر انهن جنگ بدران تعليم، صنعت، تحقيق ۽ عالمي سهڪار کي اختيار ڪيو، ۽ اڄ اهي دنيا جي سڀ کان ترقي يافته ملڪن ۾ شامل آهن.
مودي سرڪار ڪا مهم جوئي ڪري ئي ڪري، ان کان اڳ ئي ڀارتي ميڊيا مورچا سنڀالي ورتا آهن. ميڊيا، دانشورن ۽ شهري سماج جي ذميواري آهي ته هو هن جنگي جنون خلاف آواز بلند ڪن ۽ امن، رواداري، ۽ گڏيل ترقي کي فروغ ڏين. اقوام متحده ۽ ٻين عالمي ادارن کي به گهرجي ته هو ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ تڪرار جو نوٽيس وٺن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار امن لاءِ ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪن. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته جنگ جو ڪوبه فاتح نٿو هوندو، ۽ امن جو ڪوبه نقصان نٿو ٿئي. ڏکڻ ايشيا جي ترقي، خوشحالي، ۽ عالمي سطح تي عزت ماڻڻ لاءِ ضروري آهي ته جنگي جنون کي الوداع چئي، امن، ڳالهه ٻولهه ۽ بين الاقوامي سهڪار کي اپنائجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ پرامن، خوشحال، ۽ ترقي يافته خطو ڇڏجي. اهڙو خطو، جتي هٿيار نه، ڪتاب ڳالهائين؛ جتي توپن جي گونج بدران اسڪولن جو گهنڊ وڄي؛ ۽ جتي نفرت نه، محبت جي ٻولي ڳالهائي وڃي. تاريخ کي ورجائڻ نه پر ان مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي.