نيپيئر (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ۾ شڪست جو ذميوار بالرن کي قرار ڏئي ڇڏيو.نيوزيلينڊ هتان پهرين ون ڊي ۾ 73 رنسن تان شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران محمد يوسف چيو ته اوپنرن سٺي شروعات ڪئي، سلمان آغا ۽ بابر ميچ تي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي هئي، پر 40هين اوور ۾ هڪٻئي پٺيان ٻه وڪيٽون ڪِرڻ سبب دٻاءُ وڌيو.هن چيو ته صبح واري وقت ۾ پِچ بالنگ لاءِ سازگار هئي، مارڪ چيپمين ۽ ڊيرل مچل بهترين بيٽنگ ڪئي، محمد عباس به سٺو اسڪور ڪري هدف ڏکيو بڻائي ڇڏيو.صحافي جي سوال تي سلمان آغا ۽ عرفان خان نيازيءَ جو نالو وٺڻ کانسواءِ بيٽنگ ڪوچ چيو ته ٻئي پارٽ ٽائيم بالر مهانگا ثابت ٿيا، بالرن 43 واڌو رنسون ڏنيون جنهن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو.
محمد يوسف چيو ته ٻي ون ڊي کان اڳ ڏسنداسين ته پنجين بالر جي ضرورت آهي يا نه؟ آل رائونڊر کيڏائڻو آهي يا هڪ مڪمل بالر پليئنگ اليون ۾ رکڻو آهي، ٽيم مئنيجمينٽ ايندڙ ميچ ۾ بالنگ يونٽ جو جائزو وٺندي.بيٽنگ ڪوچ ٽيم جي چونڊ بابت سوال لنوائي ڇڏيو ۽ چيو ته هن وقت پليئنگ اليون بابت ڳالهائڻ مناسب نه آهي، ميچ جو نتيجو ڪجهه ٻيو هجي ها ته اِهو فيصلو سٺو سمجهيو وڃي ها.واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ ٽيم پهرين ون ڊي ۾ به پاڪستان کي 73 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ 345 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 45هين اوور ۾ 271 رنسن تي ڍير ٿي وئي.