ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ريڊ بال فارميٽ ۾ پاڪستان ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي جي استعيفيٰ جا سبب سامهون اچي ويا آهن، ميڊيا رپورٽن موجب هيڊ ڪوچ جيسن گلسپي سليڪشن ڪميٽي مان هٽائڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي پگهار وڌائڻ جي درخواست به ڪئي هئي پر چيئرمين پي سي بي ان کي رد ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هيڊ ڪوچ جيسن گلسپي کي ٽيم سان وڌيڪ وقت گذارڻ لاءِ چيو هو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. جيسن گلسپي ۽ اڳوڻي وائيٽ بال هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن اسپورٽس اسٽاف کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کي پي سي بي رد ڪري ڇڏيو ۽ ريڊ بال فارميٽ جي ڪوچ استعيفيٰ ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني. جيسن گلسپي گذريل ڏينهن ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز جي شروعات کان اڳ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قبول ڪري ورتو هو ۽ عبوري هيڊ ڪوچ عاقب جاويد کي ٽيسٽ فارميٽ جي ذميواري پڻ سونپي وئي. واضح رهي ته تازو ئي ڪوچنگ پينل تان اها ٻي وڏي استعيفيٰ آهي، گيري ڪرسٽن به پاڪستان جي آسٽريليا جي دوري کان اڳ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.