ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) هيلٿ اينڊ نيوٽيشن ڊولپمينٽ سوسائٽي(هينڊز)  پاران سرڪاري گرانٽ جا 10 ڪروڙ واپس نه ڪرڻ  جي آڊٽ ڪرائڻ  جو حڪم. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  هينڊز اختيارين پاران مالي سال 2019_20 ۽ سال 2020_21  دوران سنڌ سرڪار کان مليل 50 ڪروڙن جي گرانٽ واري رقم مان خرچ نه ٿي سگھندڙ 10 ڪروڙ رپيا معاهدي موجب سوشل ويلفيئر کاتي کي واپس ڪرڻ بجاءِ بينڪ ۾ رکڻ جو آڊيٽر جنرل جي اعتراض کانپوءِ سنڌ جي سوشل ويلفيئر کاتي جي نگران وزير سعد خالد نياز به نوٽيس ورتو آهي، ان حوالي سان نگران صوبائي وزير کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته هينڊز کي سنڌ حڪومت کان مليل گرانٽ واري رقم جي آڊٽ ڪرائي وڃي، ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي سوشل ويلفيئر واري وزير سعد خالد نياز چيو ته هينڊز کي سنڌ حڪومت پاران ڏنل گرانٽ جي کاتيوار آڊٽ ڪرائڻ لاءِ اختيارين کي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته هينڊز تي آڊيٽر جنرل جي اعتراضن وارو مامرو پڻ سوشل ويلفيئر کاتي جو سيڪريٽري ڏسي رهيو آهي،. واضح رهي ته  آڊيٽر جنرل پاران لڳايل اعتراضن بعد سوشل ويلفيئر کاتي پاران هينڊس جي اختيارين کي 6 مهينا اڳ خط لکي هدايت ڪئي وئي هئي ته آڊيٽر جنرل جا اعتراض ختم ڪرايا وڃن، انهي باوجود هينڊس اختيارين پاران آڊيٽر جنرل وٽ اعتراضن جو رڪارڊ ئي پيش نه ڪيو ويو آهي، هوڏانهن هينڊس جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسان آڊيٽر جنرل جا اعتراض ختم ڪرائي ڇڏيا آهن، انهي  باوجود سوشل ويلفيئر کاتي پاران اعتراض ختم ڪرائڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي.