سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي قومي ھيرو شھيد ھيمون ڪالاڻي جي 82هين ورسي تقريب سول سوسائٽي سٿ طرفان سکر آرٽس ڪائونسل ۾ ٿي، تقريب جي مھمانن ۾ ممتاز بخاري، سھيل ميمڻ، ادل سومرو، سيد امداد شاھه، ستار زنگيجو ۽ ٻيا شامل هئا، هنن ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جا ٽي وڏا دماغ سائين جي ايم سيد، الهه بخش سومرو ۽ سورھيه بادشاهه ھئا، پر افسوس ته انگريز راڄ ۽ سازشن سبب ٽئي وڏا نالا پاڻ ۾ گڏجي نه سگھيا، ھيمون ڪالاڻي سنڌ جو اهو قومي ھيرو ھو، جنهن انگريز سرڪار جي غلامي مڃڻ کان انڪار ڪري ڦاھي کي قبوليو، جيڪي ماڻھو پنھنجي قوم ۽ وطن خاطر جان ڏئي ويندا آھن، تاريخ ۾ اهي ھميشه امر ٿي ويندا آھن، هنن چيو ته جيتوڻيڪ ھن جو ڪنھن وڏي تحريڪ سان واسطو نه پر ھن کي انڪار ۽ ڪردار يادگار بڻائي ڇڏيو، هنن چيو ته ھيمون ڪالاڻي کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو، ان وقت سکر ۾ڪرفيو لڳل ھو، پر ھيمون جي ڦاهي بعد جڏهن لاش آيو ته ماڻھو ڪرفيو ٽوڙي گھرن مان نڪري آيا ھئا، ھيمون ڪالاڻي گانڌي واري تحريڪ ۾ شامل نه ھو، انگريز جڏهن ھتان ويا ته سنڌ کي سردارن ۽ وڏيرن جي راڄ واري غلاميءَ ۾ جڪڙي ويا، جنھن مان اڄ تائين ناھيون نڪري سگھيا، تقريب ۾ اديبن، شاعرن، شھرين، فنڪارن ۽ شاگردن آرٽس ڪائونسل جي ميمبرن سميت مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن شرڪت ڪئي.