نيويارڪ(شوبز نيوز) مشهور ماڊل ۽ ڪاروباري عورت هيلي بيبر کي تازو ئي پنهنجي شادي جي منڊي کان سواءِ عوام ۾ ڏٺو ويو، جنهن سندس ۽ مڙس جسٽن بيبر جي وچ ۾ عليحدگي جي افواهن کي تيز ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب، هيلي بيبر کي ويسٽ وليج جي هڪ ريسٽورنٽ، ڪامرس ان ۾ ناشتو ڪندي ڏٺو ويو، جتي هن پنهنجي شادي جي منڊي نه پاتي هئي، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ 500,000 ڊالر آهي. هيلي ان موقعي تي خاڪي ٽرينچ ڪوٽ ۽ چشمو پائي آئي هئي. ساڳئي رات، هن نيويارڪ جي اپر ايسٽ سائڊ تي چيز فيفي ريسٽورنٽ ۾ ماڊلز ڪيميلا مورون ۽ سوڪي واٽر هائوس سان گڏ ڇوڪرين جي پارٽي ۾ شرڪت ڪئي. هن موقعي تي، هن کي شادي جي منڊي پاتل نه ڏٺو ويو. ويجهن ذريعن ريڊار آن لائن کي ٻڌايو ته هيلي هاڻي ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سالن کان جسٽن جي رويي کي لڪائي رهي هئي، پر هاڻي پنهنجي ڪيريئر، پٽ ۽ ذهني سڪون تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي. رپورٽن موجب، هيلي بيبر پنهنجي اسڪين ڪيئر برانڊ روڊ کي وڪرو ڪري 1 ارب ڊالر گڏ ڪيا آهن، جنهن سان هن ۽ سندس پٽ جيڪسن جو مستقبل مالي طور تي محفوظ ٿيو آهي.