ڪينيا (انٽريسٽنگ نيوز) انهن کيس هيلي ڪاپٽر ۾ ڇو نه ويهاريو؟ هڪ ضدي ماڻهو اڏامندڙ هيلي ڪاپٽر تان لٽڪي رهيو آهي، ڪينيا ۾ هڪ شخص هڪ غير متوقع قدم کنيو جڏهن سندس هيليڪاپٽر تي سواري ڪرڻ جي درخواست پوري نه ٿي، هي عجيب واقعو ماگوري ڪائونٽي جي ريپوگي ڳوٺ ۾ هڪ شادي جي تقريب دوران پيش آيو، جتي وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا هئا.ميڊيا رپورٽن موجب، اسٽيفن نالي هڪ 28 سالن جي شخص، جيڪو پيشي سان ميڪينڪ هو، هيلي ڪاپٽر جي مسافرن کان پئسا گهريا. جڏهن انهن انڪار ڪيو، ته هن هيلي ڪاپٽر تي چڙهڻ جي درخواست ڪئي، پر ٻيهر انڪار ڪيو ويو. جيئن ئي هيلي ڪاپٽر اڏام ڪئي، اسٽيفن اڏامندڙ هيلي ڪاپٽر تي لٽڪي ويو، جنهن جي هڪ وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته اسٽيفن جي ڪارروائي پائلٽ کي هنگامي لينڊنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جنهن کان پوءِ ان شخص فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بروقت ڪارروائي سان کيس گرفتار ڪيو ويو.