باقراڻي (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي  لسٻيلا ڀرسان پاڪ فوج جي ھيليڪاپٽر سان پيش آيل حادثي ۾ شھيد ٿيل آفيسرن ۾ ھيليڪاپٽر پائليٽ شھيد ميجر سعيد احمد تنيو جو تعلق باقراڻي جي ڳوٺ سجاول تنيو سان آهي، اھڙو اطلاع ملڻ بعد سندس ڳوٺ ۾ تڏو وڇايو ويو،قربان تنيو ۽ پروفيسر علي ڏنو تنيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 6 ڀائر آھيون، شھيد ميجر سعيد تنيو سڀ کان ننڍو ھو، ھن سال 2006 ۾ انٽر پاس ڪري سال 2007 ۾ پاڪ آرمي ۾ ڀرتي ٿيو ھو، کيس شھادت جو شوق ھو، اڄ ھو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي شھيد ٿي ويو آهي، جنهن تي اسان کي فخر آهي.شھيد پائليٽ ميجر سعيد تنيو کي ٻن ٻارن جو اولاد آھي جنهن ۾ 9 ورھين جو ھڪ پٽ ۽ ستن ورھين جي ھڪ نياڻي آهي. جڏهن ته شھيد ميجر سعيد تنيو سوڳوارن ۾ ھڪ بيواھ، 2 ٻار، ھڪ والد، پنج ڀائر ۽ 5 ڀينرون ڇڏيون آهن.