لنڊن (اسپورٽس نيوز)انگلش ڪرڪيٽ بورڊ هيري بروڪ کي انگلينڊ جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيمن جو نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب يارڪشائر جي بيٽسمين هيري بروڪ کي جوس بٽلر جي جاءِ تي انگلينڊ جو نئون وائيٽ بال ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته چيمپئنز ٽرافي 2025ع ۾ انگلينڊ جي ٽيم هڪ به ميچ نه کٽي سگهي هئي، جوس بٽلر ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي سبب ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. هيري بروڪ ڪپتان مقرر ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته انگلينڊ وائيٽ بال ٽيم جو ڪپتان بڻجڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته مان پنهنجي خاندان ۽ ڪوچز جو شڪر گذار آهيان جن هميشه منهنجو ساٿ ڏنو. سندن ساٿ ۽ يقين کان سواءِ مان اڄ هن مقام تي پهچي نه سگهي ها. واضح رهي ته هيري بروڪ جنوري 2022 ۾ انگلينڊ لاءِ ڊيبيو ڪيو هو ۽ هن هن وقت تائين 26 ون ڊي ۽ 44 ٽي 20 ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي جنهن ۾ هن 1614 رنسون ٺاهيون آهن جنهن ۾ هڪ سينچري ۽ 9 ففٽي شامل آهن.