تاريخ جي ان کان وڌيڪ ظالم ڳالهه ڪهڙي هوندي جو ‘ڪري ڪير، ڀري ڪير’! ائين ناهي ته اهو پهرين نه هو. انساني اتهاس جي ابتدا کان اهو ڪم هلندا پيا اچن، پر ويجهڙائي ۾ جهڙي ريت ان جا منظر اڳيان آيا آهن ته انهن کي ڏسي روح به ڏڪي وڃي ٿو. بک، بدحالي ماڻهن کي روئاڙي ڇڏيو آهي. ان عورت کي فحاشه چئون يا ان جي مجبور، جيڪا سوشل ميڊيا تي هڪ وائرل وڊيو ۾ بازار حسن تي ڇاپي لڳڻ وقت پوليس واري کي چئي رهي آهي ته، “ٽن ڏينهن کان منهنجا ٻچا بک تي آهن، مان ڇا ڪريان؟ منهنجي اڳيان ٻه رستا هئا، ٻارن کي پاڻ سان گڏ ماريان يا جسم جو ڌنڌو ڪري انهن جي پيٽ جي باهه اجهايان!“ اها ڪهاڻي هڪ عورت جي ناهي، پر هن ديس ۾ لکين ماڻهن کي جهڙي ريت ‘رت روئاڙيو’ ويو آهي، ان جو ڪٿي ويجهي ماضيءَ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. ان عورت ته پاڻ يا ٻار مارڻ بجاءِ جسم جو ڪاروبار ڪيو، پر فيصل آباد جي ان مزدور جي گهر واريءَ پاڻ کي ماري ڇڏيو، جنهن کي مڙس آخري ڀيري فون تي ٻڌايو ته هن کي مزدور پڙيءَ ۾ ڪير وٺڻ لاءِ تيار ناهي، گهر اچي پيو. همراههُ، گهر پهتو ته اتي معصوم ٻارن ۽ زال جا لاشا پيا هئا.
سوال هي آهي ته آخر ان سڄي مامري جو حل ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن اهو سوال حڪومت کان ڪجي ٿو ته ان وٽ ‘عوام جي مٿان بوجهه’ رکڻ سواءِ ڪوبه جواب نه آهي. ساڳيو سوال عام ماڻهوءَ کان ڪجي ته انهن وٽ دانهون ڪوڪون ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي، جن کي هونءَ ته 76 سال ٿي ويا آهن، پر اڳي ڪجهه دٻيل هيون، سال 2018ع کان آسمان کي ڇهن پيون. 2018ع پاڪستان ۾ اليڪشن جو سال هو. هڪ نئين تجربي جو سال، جنهن ۾ ملڪي عوام کي هڪ نئين گهاڻي ۾ پيڙيو ويو. ان سال کان بجلي، پئٽرول ۽ ڊالر جون قيمتون گهٽ ناهن ٿيون، سواءِ ڪرونا جي ڪجهه مهينن ۾، جڏهن سڄي دنيا ۾ ڪنهن به پئٽرول استعمال نه پئي ڪيو، ماڻهو گهرن ۾ محصور ٿي ويا هئا… ۽ سچ ته اڄ به معاملا ساڳي طرف وڃن پيا. اهو ڏينهن پري ناهي، جو ماڻهو گهرن ۾ قيد ٿي رهجي ويندا، ڇاڪاڻ ته سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ احتجاج به غير مؤثر رهيا آهن. اهي ڪيئن نه غير مؤثر رهن، جڏهن حڪومتي پاسي کان بي حسي پنهنجي انتهائن کي ڇهندي هجي. نوشهري فيروز ڄائي، دنيا جي وڏن مالياتي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر شمشاد اختر ڏيٿو ته مهانگي بجليءَ حوالي سان اهو چئي سهولت جا در بند ڪيا ته، “آءِ. ايم. ايف جي اجازت کانسواءِ بجلي واپرائيندڙن کي هڪ روپئي جو رليف به نه ٿا ڏئي سگهون.” ناڻي واريءَ وزير جي ڳالهه درست هوندي ته هي ملڪ هاڻي مستقل طور آءِ. ايم. ايف جو ڳيجهو بڻجي ويو آهي. ان جي هدايتن بغير هتي ماڻهن کي ڪوبه رليف نه ملندو، پر ڇا هتي ملڪ جي اشرافيه کي جهڙي ريت سهولتن مٿان سهولتون ڏنيون پيون وڃن، اهي به آءِ. ايم. ايف جي اجازت سان ڏنيون ويون آهن؟ ڪافي رپورٽن آڌار ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ اقتدار جا حقيقي مزا ماڻيندڙ نوڪر شاهي 100 ارب روپين جي مفت بجلي استعمال ڪري ٿي. هن وقت بجليءَ جو سرڪلر ڊيٽ 2300 اربن کان مٿي چڙهي ويو آهي. پوءِ اها مفت بجلي بند ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟ ڪنهن جواب ڏنو ته اهو سرڪار جو نوڪر شاهيءَ سان معاهدو هوندو آهي، جهڙي ريت ٻيا الائونس هوندا آهن، اهڙي ريت گيس ۽ بجليءَ جي مفت يونٽس ۽ پئٽرول جي ليٽرس جو معاهدو ٿيندو آهي، ته هن صورتحال ۾ جڏهن عام ماڻهن جا واڪا، ڪوڪون ستين آسمان کي ڇهن پيا ته ڇا اهڙي غير انساني معاهدا ختم نه ٿا ڪري سگهجن؟ ڀلي ماڻهو مرن پر هنن صاحبن کي سڀ ڪجهه مفت جو کپي.
هڪ اندازي موجب رڳو واپڊا سان لاڳاپيل ڪمپنين جي آفيسرن ۽ ملازمن کي 50 لک يونٽ مفت ۾ ڏنا وڃن ٿا. ٻين کاتن ۾ جي آفيسرن کي 1200 يونٽس تائين مفت بجليءَ استعمال ڪرڻ جو اختيار آهي. نتيجو هر مهيني ۾ سرڪلر ڊيٽ ۾ مسلسل اضافو ٿيندو پيو وڃي. بجليءَ ۽ گيس جي مفت يونٽس سان گڏ ‘مال مفت- دل ِ بي رحم’ جيان پئٽرول جو معاملو آهي. ٻڌائڻ وارا ٻڌائين ٿا ته شهرن جي روڊن تي موجود 40 سيڪڙو گاڏيون سرڪاري ۽ سرڪاري فيول تي هلندڙ آهن. هن سڄي لقاءُ ۾ افسوس جو اهو پاسو ته اڪثر گاڏيون صاحبن جي ذاتي استعمال ۾ رهن ٿيون. هڪ پاسي مسلسل پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٻئي پاسي هي انڌير نگري! ٺيڪ آهي، هڪ دؤر هو، جنهن ۾ ڪامورن کي اهڙيون آسائشون ميسر هيون، عام ماڻهن وٽ به ٻه ويلا کائڻ جا هئا. ماڻهن کي غربت ۽ رهڻ جي تلقين تي خاموش پڻ ڪيو ويندو هو، پر هاڻي ته صورتحال يڪسر تبديل آهي. اهڙي ڳنڀير پوزيشن، جنهن ۾ ماڻهو ويچارو ٿي ويو آهي. ان جو اندازو ٻيو نه شهر ۾ لڳندڙ مزدور پڙين تي هڪ چڪر لڳائي ڪري سگهجي ٿو. صبح جو سويل سوين مزدور شهر جي مختلف چؤنڪن تي گڏ ٿي انتظار ڪن ٿا ته هنن کي ڪير مزدوريءَ لاءِ وٺي وڃي. هر ايندڙ تي بيوسيءَ واريون نظرون، آخر ۾ منٿون ته هنن کي اڄوڪي ڏينهن جي مزدوري ڏني وڃي.
هن سڄي منظر نامي ۾ مٿي ويٺل سڀ اقتدار ڌڻي ان سڄي معاملي کي سمجهن به پيا، پر هو ڪجهه نه ڪندا. بقول صحافي ابصار عالم جي ته، “ماڻهو به ائين ئي تذليل ۽ پريشانين جو شڪار رهندا، هو ڪجهه به نه ڪري سگهندا. هي احتجاج به چار ڏينهن جو کيل آهي، جيڪو جلدي ختم ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن خطي جي هڪ هزار سالن جي تاريخ ۾ سواءِ مقامي طور باقي ڪنهن به مزاحمتي يا انقلابي تحريڪن نتيجا نه ڏنا آهن. ماڻهن جي جين ۾ بادشاهت جو تصور تمام گهڻو گَهِرو آهي ۽ بادشاه ڪڏهن به غلط ناهن هوندا.”… ۽ پوءِ قرباني ڏيڻ لاءِ ماڻهو موجود جو آهن. مضمون جي آخر ۾ اهو ڳرو اطلاع به شامل آهي ته ملڪ جي اڪثر شهر ۾ کنڊ ٻه سئو جو آڪڙو ڪراس ڪري وئي آهي ۽ يقين ڪريو ته کنڊُ، ڪمند جي ڪري مهانگي ناهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪمند ته ٻرندڙ ڪاٺين کان به سستو وڪامي ٿو. کنڊ جي مهانگي ٿيڻ جي پويان به انهن جا ئي هٿ آهن، جن جي نالي ڪارل مارڪس چيو هو ته، “جڏهن ديس ۾ ماڻهو مرڻ شروع ڪندا ته هو ڪفن به مهانگا ڪري ڇڏيندا!”
کنڊ جي مهانگي ٿيڻ جي پويان به انهن جا ئي هٿ آهن، جن جي نالي ڪارل مارڪس چيو هو ته، “جڏهن ديس ۾ ماڻهو مرڻ شروع ڪندا ته هو ڪفن به مهانگا ڪري ڇڏيندا…!”