سکر: وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ چيو آهي ته پوري سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري ٻٻرلوءِ ۾ محبت جو اهو عالم آهي ته اسان هوٽل ۾ ڪارو ڪوٽ پائي ماني يا پاڻي پيئڻ وڃو ٿا ته ڪو به پئسا نٿو وٺي، اسان جا پاڻيءَ وارا ڪئمپ لڳا آهن، اُن ۾ جوس ۽ پاڻيءَ جون ايتريون بوتلون مليون آهن جو ڀرسان گودام ورتو ويو آهي، اُن ۾ اسٽور ڪيو پيو وڃي، ماڻهو اسان وٽ اچن ٿا اسان جا گهر به اوهان جي لاءِ حاضر آهن، هن چيو ته ماڻهن پنهنجي نياڻين جي ڏاج لاءِ ٺهرايل زيور وڪرو ڪري ڌرڻي وارن جي خدمت ڪئي آهي، 600 بسترا موڪليا ويا آهن، ڪراچي کان هتي پرسڪون ۽ آرام سان آهيون، جيترو عوام سپورٽ ۽ تعاون ڪري رهيو آهي، وڪيل چيو ته سنڌوءَ ۾ پاڻي نه ايندو ته ڪراچيءَ ۾ ڪيئن پاڻي ايندو، ڪراچيءَ ۾ ٽينڪر مافيا مضبوط ٿيندي، جيڪو پاڻي جو ٽينڪر هاڻي پنج هزار روپين ۾ ملي رهيو آهي اهو پوءِ 25 هزار روپين ۾ به نه ملندو.