هوش حواس وڃائيندڙ گرمي ۽ ماحولياتي تبديلين کي ڀوڳيندڙ سنڌ

0
17
کنڊ: ايڪسپورٽ- امپورٽ راند

سنڌ ۾ هوش ۽ هواس وڃائيندڙ گرميءَ عوام جو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مٿان وري ڊسڪوز طرفان بجليءَ جي بندش ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جي اهنجن کي ويتر وڌائي ڇڏيو آهي. ماحولياتي تبديلين سبب هونئن ته سڄي دنيا ۽ سمورو ملڪ متاثر آهن پر سنڌ جون حالتون ان حوالي سان وڌيڪ خراب آهن، سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ برساتون گهٽ ٿيون پون. گرميءَ جو زور برساتن سبب ٽُٽي سگهي ٿو پر سنڌ گهٽ برساتن سبب گهڻي گرمي ڀوڳي رهي آهي. ماحولياتي اثرن ۽ گرمي پد کي گهٽائڻ لاءِ جيئن ته ٻيلا اهم ڪردار ادا ڪن ٿا پر سنڌ ۾ ٻيلن مان وڻن جي واڍي، ٻيلن جي زمينن تي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ قبضا به حالتن کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيا آهن. حُڪمرانن جي ماحول دُشمن پاليسين سان ماحولياتي تباهيءَ جو تسلسل تيز ٿي رهيو آهي. توڙي جو هر سال بجيٽ ۾ ماحوليات لاءِ فنڊ رکيا وڃن ٿا پر خبر ناهي ته اهي فنڊ ڪهڙي کڏ ۾ هليا ٿا وڃن! جيستائين دُنيا جي ٻين ملڪن وانگر سنڌ به ماحولياتي تبديلين وارين حالتن ۾ پاڻ سان ٺهڪائي جيئڻ جا ڍنگ نه سکيا ته هتي زندگي وڌيڪ ڏُکي ۽ حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون.

پاڪستان، جيڪو اڳ قدرتي حسن ۽ گوناگون ماحولياتي سرشتو رکندڙ هو، اڄ موسمياتي تبديليون ان تي سخت اثرانداز ٿي رهيون آهن. وڌندڙ گرمي، گليشيئرز جي ڳرڻ، غير متوقع مينهن، ۽ خطرناڪ ٻوڏون نه فقط انساني زندگي متاثر ڪري رهيا آهن، پر ملڪ جي معيشت کي به شديد نقصان پهچائي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي، جيڪا عالمي طور تي سراسري طرح 31 سيڪڙي جي مقابلي ۾ صرف 5 سيڪڙو آهي، جيڪو ماحولياتي تبديلين جي شدت کي وڌيڪ وڌائي ٿو. ماحولياتي تبديلين جي ڪري زراعت، جيڪا پاڪستان جي معيشت جي اساس آهي، انتهائي متاثر ٿي رهي آهي. پاڻي جي کوٽ، زمين جي زرخيزي ۾ گهٽتائي، ۽ فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي جهڙا مسئلا درپيش آهن. ان سان گڏ، ٻوڏ ۽ سوڪهڙي سميت موسمي حالتون بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچائين ٿيون، جنهن سان معيشت تي وڌيڪ دٻاءُ ايندو آهي. ٻيلا نه رڳو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندا آهن، پر زمين کي کاڌ کان بچائيندا آهن، پاڻيءَ جا ذخيرا محفوظ رکندا آهن، ۽ حياتياتي گونان گونيت کي فروغ ڏيندا آهن. پاڪستان ۾ “بلين ٽري سونامي” ۽ “ٽين بلين ٽري سونامي” جھڙا وڻ پوکڻ جا منصوبا اعلانن کان اڳتي وڌي نه سگهيا.  پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا چئلينج درپيش آهن، پر ٻيلا پوکڻ جهڙن قدمن سان اسين انهن کي ڪنهن حد تائين منهن ڏيئي سگهون ٿا. حڪومت، نجي شعبو، ۽ عوام کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسين ملڪ کي ماحولياتي تباهي کان بچائي ۽ هڪ محفوظ مستقبل جي بنياد رکي سگهون. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ وڻن جي واڍيءَ سبب ماحولياتي تبديليون ۽ Desertification سنگين مسئلا بڻيل آهن. سنڌ جو ڪل ايراضيءَ جو صرف 2.5٪ علائقو ئي وڻن سان آباد آهي، جيڪو عالمي معيار کان انتهائي هيٺ آهي. ان کان سواءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب انڊس ڊيلٽا 1883ع کان وٺي تقريباً 92٪ پنهنجي وسعت وڃائي چڪو آهي. جر ۾ لوڻياٺ وڌي وئي آهي، ساحلي پٽي جي معيشت ۽ ماحوليات جي تباهيءَ سبب اتان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جاري آهي.

دريائي ٻيلا پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غير قانوني واڍيءَ سبب تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. ٻيلن جي تباهيءَ سبب مٽيءَ ۾ نامياتي مادو گهٽجي رهيو آهي، جنهن سبب مٽي جي جوڙجڪ ڪمزور ٿي رهي آهي، زرخيري گهٽجي رهي آهي. سنڌ ۾ اڳ ۾ ٻيلا پوکيا ويندا هئا. جڏهن درياءَ اُٿل کائيندو هو ته ڪچي ۾ هيلي ڪاپٽرن جي ذريعي چيچڪا ڇٽي هُڙيون پوکيون وينديون هيون پر هاڻي اهي زمانا ناهن رهيا. وڻ پوکڻ جي بدران وڻن جي واڍيءَ تي زور آهي، جنهن ڪري سنڌ جي ماحوليات تباهه ٿي چُڪي آهي ۽ ماحوليات جو معيشت سان سڌو تعلق آهي. ماحوليات جي تباهي جو نتيجو معيشت جي تباهي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ ۾ ٻيلن تان سرڪاري سرپرستي ۾ ٿيندڙ قبضا ختم ڪرايا وڃن. سنڌ ۾ نوان ٻيلا پوکيا وڃن ۽ وڻن جي واڍي روڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.