حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هوسڙي پوليس ۽ منشيات فروشن ۾ مقابلو، ٻن عورت منشيات فروشن سميت 4 ڄڻا گرفتار، هڪ اي ايس آءِ زخمي. تفصيل موجب ايس ايچ او هوسڙي مقصود مڱڻهار پيٽرولنگ دوران منشيات فروشن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن پوليس تي حملو ڪري ڏنو جنهن تي جوابي فائرنگ به ڪئي وئي پر منشيات فروشن جي فائرنگ ۾ اي ايس آءِ الياس زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ محمد شيخ، عبداللطيف پنهور، پٺاڻي ۽ شاهيلا شيخ شامل آهن. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار منشيات فروشن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس هٿ ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل منشيات فروشن خلاف هوسڙي پوليس نارڪوٽڪس ۽ پوليس تي حملي جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.