اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارتي جارحيت تي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر زرتاج گل چيو ته ڪالهه جو حملو ڪنهن سياسي پارٽي تي نه پر منهنجي ملڪ تي حملو هو، وزيراعظم، صدر  آصف زرداري کي گهرجي ته عمران خان وٽ وڃن . حڪومت آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ۽ ان ۾ عمران خان کي به گهرايو وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارتي حملن ۾ بيگناهه مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا. حملن جي شديد مذمت ڪريان ٿو، بزدل رات جو حملا ڪندا آهن، بلاول چيو ته پاڪ فضائيه کي سلام پيش ڪيون ٿا، جن ڀارتي جهازن کي مڇرن وانگر ماري ڪيرايو. جيڪڏهن ڀارت ٻيهر حملو ڪيو ته اسان وڌيڪ جهاز ڪيرائينداسين. هن چيو ته اسان جو جواب اچڻو آهي. بين الاقوامي قانون تحت جواب ڏيڻ اسان جو حق آهي. وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو ته ڀارت کي خبر ناهي ته هن ڪنهن قوم کي للڪاريو آهي. اسان وڙهڻ نٿا چاهيون، پر اسان وڙهڻ ڄاڻون ٿا. پاڪ فوج جنهن مهارت سان رد عمل ڏنو، اها سڄي اسلامي دنيا جي عزت آهي. رافيل جي عزت پوري دنيا ۾ خاڪ ۾ ملي وئي. مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته فوجي جوان کان وٺي جنرل تائين هر ڪنهن کي سلام پيش ڪيان ٿو، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، مودي کي سبق سيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي. هاڻي اسان جي واري آهي، حڪومت اسان کي موڪلي اسان ڍال بڻجي وطن جي حفاظت ڪنداسين.  پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي چيو ته اڄ هن ايوان ۾ سياست غائب ۽ پاڪستان غالب آهي. ڀارت هڪ تمام وڏي غلطي ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فضائيه کي واڌايون پيش ڪيون ٿا، جنهن ڪجهه ڪلاڪن اندر جواب ڏنو. باني چيئرمين عمران خان 2019 ۾ چيو هو اسان سوچينداسين نه پر عمل ڪنداسين. هن چيو ته سياست ۾ تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي. اسان کي ڀت سان لڳايو ويو، پر اسان اڄ هن ايوان ۾ موجود آهيون. جيڪڏهن ڀارت ۾ سياسي قيادت ملڪ لاءِ گڏ ٿي سگهي ٿي، ته پاڪستان جي قيادت ڇو نٿي گڏ ٿي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف آپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي جنهن کي ڀليڪار چئون ٿا. سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، باني تحريڪ انصاف سميت سمورن سياسي قيدين کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.