راولپنڊي (م ڊ) پاڪ بحريه جي بحري  جنگي جهاز مان مقامي طور تي تيار ڪيل بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب 350 ڪلو ميٽر رينج وارو ميزائل سسٽم زميني ۽ سامونڊي حدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهو نظام جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان پنهنجي رفتار کي تبديل ڪرڻ جي خصوصيتن سان ليس آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ بحريه جي سينئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرز تجربي جو مظاهرو ڏٺو. آءِ ايس پي آر موجب صدر پاڪستان، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ڪامياب ميزائل تجربي ۾ حصو وٺندڙ يونٽس ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پيش ڪئي