بوگوٽا(انٽرسٽنگ نيوز) ڪولمبيا جي ايئرپورٽ تي بيٺل مسافر جهاز مان 2 لاش مليا آهن، ڄاڻايل لاش جهاز جي پوين ڦيٿن اندر ڦاٿل هئا. تفصيل موجب ڪولمبيا جي گاديءَ واري هنڌ بوگوٽا جي الدورادو ايئرپورٽ تي هڪ جهاز جي پوين ڦيٿن مان 2 ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب الدورادو ايئرپروٽ تي بيٺل آويانڪا هوائي ڪمپني جي مسافر جهاز جي صفائي دوران جهاز جي پوئين ڦيٿن جي حصي مان 2 لاش مليا آهن. ان حوالي سان آويانڪا ايئر لائنز جي اختياري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته بوگوٽا جي الدورادو ايئرپروٽ پهچڻ تي هوائي ڪمپني جي عملي کي جهاز جي صفائي دوران ڦيٿن مان 2 لاش مليا آهن.  اسان فوت ٿيندڙن جي وارثن سان تعزيت ڪريون ٿا. اٽارني دفتر طرفان جاري ڪيل بيان موجب جهاز مان ملندڙ لاش 15 کان 20 سالن جي نوجوانن جا آهن. ظاهري طور اهي 2 نوجوان آفريقي نسل سان تعلق رکن ٿا، پر لاشن جي مڪمل سڃاڻپ لاءِ ڪارروائي جاري آهي.