بينڪاڪ (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ سوشل ميڊيا صارف تازو ئي انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ ٿائيلينڊ جي هوائي سفر دوران بيٺي بيٺي ڳالهيون ڪندي ۽ کائيندي ڀارتين تي تنقيد ڪئي وئي آهي، آن مواد تخليق ڪندڙ انڪت ڪمار جيڪو پاڻ به ٿائي ايئر ايشيا جي انهيءَ اڏام ۾ سفر ڪري رهيو هيو، ان وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڀارتي مسافرن کي اڏام دوران بيهي ڳالهيون ڪندي ۽ کاڌو کائيندي ڏيکاريو ويو آهي، صارف ٻڌايو ته ان فلائيٽ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏٺو آهي، جنهن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، صارف ان بعد ڪيبن جي ارد گرد ڪيمرا گهمائي ٿو، جنهن ۾ مسافرن کي گروپن ۾ بيهي اڏام دوران ڳالهيون ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو، ڪلپ ۾ انڪت ڪمار ٻڌائي ٿو ته ڪيبن ڪريو بار بار اٿي بيهندڙن کي پنهنجي سيٽن تي واپس وڃڻ جو چيو پر انهن جي هدايتن کي ڀارتين نظرانداز ڪري ڇڏيو، صارف وڌيڪ چيو ته ڀارتي هر جڳهه تي پنهنجي بي عزتي ڪرائڻ پسند ڪندا آهن، انهن اڏام کي ٽرين يا بس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهي بيهي سفر ڪري رهيا آهن، جهاز جڏهن ته اڏامندڙ آهي.