ڄامشورو(رپورٽر) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران پهرين ڊسمبر تي ”انتها پسندي کان آجي سنڌ” جي عنوان هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي کي ڄامشوري ۾ ڀرپور موٽ ملي رهي آهي، شھر ۾ آمڙا برادري پاران علي آمڙو، ساگر جمن بڙدي، شفيق آمڙو،طارق آمڙو،حبيب الله آمڙو ۽ ٻين جي ميزباني ۾ شاندار ايڪتا مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ شھرين وڏي انگ شرڪت ڪري پنھنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو راڳي شهزاد فقير . ”سنڌ اوچي آ سنڌ اوچي آ توڙي سنڌي ماڻهون پڌرا لکن ۾ جھڙا گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو، تقريب ۾ شريڪ مهمانن کي اجرڪ لنگين جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته علي قاضي قومي عيد جھڙي ڏهاڙي جو اعلان ڪري سنڌي قوم کي ٻڌي جو رستو ڏيکاريو، ايندڙ نسل به پنھنجي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪندي هن ڏهاڙي کي ملهائيندا ايندا. تقريب ۾ ميرمرتضي نوحاڻي، دڪاندار يونين صدر اصغر ناريجو، ذوالفقار مگسي، دڪاندار يونين اتحاد صدر رحيم جمالي، شوڪت نائچ، رئيس نظير نوحاڻي، امجد پنھور، علي محمد مگسي، بلاول چانڊيو، شيراز مگسي، بلاول مگسي، اوشاق چانڊيو، اياز سومرو، محمد اڪرم ملاح، سڪندر مگسي، حسين کوکر، امتياز کوکر،آصف کوکر، مرتضيٰ کوکر، نثار مگسي، غلام محمد جمالي، اعظم چانڊيو، فھيم سرڪي، مريد مگسي، روشن مگسي، فراز آمڙو، قربان آمڙو، مجيد پنھور، فاروق آمڙو، نصير، آمڙو اسلم آمڙو، ميھرخان آمڙو، معشوق پنھور، فقير محمد آمڙو، حنيف آمڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي،