مردان (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي سينئر نائب صدر ۽ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير امير حيدر هوتي چيو آهي ته اليڪشن ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان جي تجويز سان هو متفق نه آهن. مردان ۾ مختلف اڳواڻن جي اي اين پي ۾ شموليت واري تقريب کي خطاب ڪندي امير حيدر هوتي چيو ته سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ 8 فيبروري تي چونڊون ضروري آهن، پر امن ماحول ۾ چونڊون ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي. اميد حيدر هوتي وڌيڪ چيو ته 2013ع ۾ اسين دهشتگردن جي نشاني تي هئاسين، ماڻهو چونڊ مهم هلائي رهيا هئا ۽ اسين پنهنجن پيارن جا لاشا کڻي رهيا هئاسين. هن دفعي بڪسن ۾ جنن جا ووٽ پوڻ نه ڏينداسين، فيصلو عوام جو ٿيندو، عوام جي فيصلي کي هر صورت ۾ مڃڻو پوندو.