هن پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو

0
21
هن پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو

سڌي نموني ڳالھ ڪرڻ ۽ سهڻي نموني ڳالھ ڪرڻ ۾ وڏو فرق هوندو آهي. سڌي نموني ڳالھ ڪرڻ سان مخالفت وڌندي آهي. ساڳي ڳالھ سهڻي نموني ڪرڻ سان مفاهمت ٿيندي آهي. سهڻي نموني ڳالھ ڪرڻ جو ڏانءُ اسحاق مڱريي وٽ واھ جو هو! پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو هن جو جنم سال 1955ع آهي ۽ منهنجو سال 1956ع آهي. اسان ٻئي ڄڻا سانگھڙ شهر جي اجنبي رستن تي، اجنبي طريقي سان روان دوان رهياسين.

زهر ملتا رها، زهر پِيتــــي رهـــــي،

روز مرتي رهي، روز جِيتي رهي،

زندگي ڀي همين آزمـاتـــي رهــــي،

اور هم ڀي اُسي آزماتــــي رهــــي.

اجنبي شهر ڪي اجنبي راستــي..

                 اسحاق پنهنجي لاءِ صحافت جو خاردار رستو چونڊيو ۽ مون پنهنجي لاءِ ادب جو رستو. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي پبلڪ لائبريري کان وٺي، پريس ڪلب سانگھڙ تائين، سنڌي ادبي سنگت کان وٺي، نيشنل پريس ڪلب سانگھڙ تائين، اسان ٻنهيءَ جو مُکا ميلو ٿيندو رهندو هو. هتي 1960ع واري ڏهاڪي جي ڳالھ ڪريان ٿو، ته سانگھڙ شهر ۾ ٻه حليم هوٽل هوندا هئا. هڪ حليم هوٽل جناح روڊ تي، وساڻ گهٽيءَ جي ڀر سان ۽ ٻيو حليم هوٽل باکوڙو روڊ تي، پادري گرجا گھر ويجھو هوندو هو. حُر هوٽل انهن کان علاوه هو. باکوڙي روڊ واري حليم هوٽل ويجھو چوپائي مال جي پِڙِي لڳندي هئي، جنهن ۾ اسحاق مڱريو پرچيون ڪٽيندو هو. منهنجي ساڻس ملاقات ۽ واقفيت ان وقت ٿي هئي. پاڻ پڙهيو لکيو ماڻهو هو، جو هُن اڳتي کان اڳتي وڌڻ جي جستجو جاري رکي. ڪامريڊ بادل ٿريءَ جي صحبت ۾ رهي، هُن صحافت جا گُر سِکيا ۽ عاجز منگيءَ جي سنگت ۾ رهي، هُن علمي، ادبي، تواريخي ۽ ثقافتي سپنا اُڻيا. جاگيرداري نظام جي خلاف جڏهن شڪيل پٺاڻ جي اڳواڻيءَ ۾، انساني حقن جي هلچل شروع ٿي، نجي جيل ٽٽڻ شروع ٿيا، تڏهن اسحاق مڱريو ڏتڙيل هارين جي حقن لاءِ نشانبر ٿي بيٺو. کپري ۾ ڪنهن جابر جاگيردار جو نجي جيل ٽُٽو، هيڪاندا هاري کپري ٿاڻي تي بي يارو مددگار پيل هئا، ته اسحاق مڱريو کپري پهچي ويو. شير محمد لاشاريءَ جي دڪان تان مون ڏانهن نياپو آيو ته، “استاد لغاري جتي به هجي پهچي وڃي” ته آئون بروقت پهچي ويس. ڪٻرِي گودڙي ڪُلھن ۾ پاتل، سڀ کان پهريان ڊي ايس پي سان ملاقات ٿي. ان کان پوءِ پوليس اسٽيشن کپري آياسين. صوبيدار صاحب کي چيائين: “هنن هارين کي ماني کارائي آهي؟” ته صوبيدار پريشان ٿي ويو. ٿوري ئي دير ۾ بريانيءَ جون پڪل ديڳون پهچي ويون.

اسحاق مڱريي جون لکيل تاريخي، تهذيبي، ثقافتي ۽ ادبي اسٽوريون اخبارن ۾ اينديون هيون، ته اهي بنيادي ڄاڻ سان ڀرپور هونديون هيون. هڪ لڱا “مائي ڄامان جون جوڙايل مسجدون، مسافر خانا، کوٽايل کوھ ۽ ڪڙيا” عنوان سان اسٽوري لکيائين، ته لاجواب ڪري ڇڏيائين. اسان کي ايئن لڳو، ڄڻ اسين ميان نور محمد ڪلھوڙي جي دور مان گذري رهيا هجون. روپلي ڪولھيءَ تي قلم کنيائين، ته ڪارونجھر جون ڪاترون، انهن جا ڪاريگر ۽ قِسم به بيان ڪري ڇڏيائين. دنبوري تي لکيائين، ته شاھ جي زماني کان وٺي، هاڻوڪي دور جي ڪاريگر منٺار فقير جوڻيجي تائين، دنبوري جو سمورو سفر سهيڙي ڇڏيائين. صحافت ايئن ڪبي آهي، جيئن اسحاق مڱريو ڪندو هو. سال 2019ع ۾، ڀٽ شاھ جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي، ايڇ ٽي سورلي هال ۾، بين الاقوامي ادبي ڪانفرنس ٿي. ان ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ڪرايل ٽن ننڍڙن ننڍڙن ڪتابن سان گڏ، منهنجن ترتيب ڏنل چئن شاھ جي رسالن جي مهورت به ٿي. مهورت ڪارن ۾ سيد وقار حسين شاھ لطيفي، يوسف شاهين، سيد قلندر شاھ لڪياري، اڪبر لغاري، تاج بلوچ، تاج جويو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر شير مهراڻي، مشڪور ڦلڪارو ۽ آئون ناچيز شامل ٿياسين. ٻئي ڏينهن صبح جو سنڌ جي هڪ وڏي اخبار خبر شايع ڪئي ته، “ثقافت کاتي جي شايع ڪيل ٽن ننڍڙن ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي.” منهنجن ترتيب ڏنل شاھ جي رسالن جو ذڪر ئي نه ڪيائين. البت اسحاق مڱريي صحافت جي سچن اصولن جي پاسداري ڪندي لکيو، “ثقافت کاتي جي ٽن ڪتابن سان گڏ، استاد لغاريءَ جي ترتيب ڏنل چئن شاهڪار شاھ جي رسالن جي مهورت به ڪئي وئي.” اسحاق مڱريي پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ڪاڻيارو نه ڪيو. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هوس ته “جيڪڏهن اسحاق مڱريي کان اڳ ۾، منهنجا سَو ورهيه پورا ٿي ويا، ته هُو منهنجي لاءِ هڪ اهڙي اسٽوري لکندو، جو تاريخ کي لاجواب ڪري ڇڏيندو.” پر افسوس! ڪنهن ڪاتب ان جي ابتڙ ازل جي لڪير ڇڪي ڇڏي. اڄ اسحاق مڱريي جي ياد ۾ منهنجو قلم روان دوان آهي، سڀاڻي منهنجي ياد ۾ ڪنهن جو قلم ڪجھ لکندو الاءِ نه؟ ڪائي خبر ڪانهي!

گُل ٽِڙن ٿا، ڇڻِي وڃڻ جي لئي، مُدعاءِ صبا، خدا معلوم،

مَوجِ خواب تيروان آهيون، انتها آ، نه ابتدا معلوم،

آئِي ٿي ياد جِي ڀِني ڀِني خوشبُو، شعر ٿيا ٿي “اياز” جا معلوم.

 (شيخ اياز)