ڪراچي( م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آدمشماري بعد نيون تڪبنديون ڪرائڻ جي پابند آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز تي اسان کي ڀرپور اعتماد آهي، اليڪشن ڪميشن آئين موجب چونڊون ڪرائيندي، پنهنجي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته ملڪ هن وقت معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، اسان سڀني کي سياست بدران پهرين معيشت جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، نگران حڪومت ايس آءِ ايف سي جا منصوبا جلد مڪمل ڪري ملڪ کي ترقي جي دڳ تي آڻي. گذريل ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن شيڊول جو اعلان ڪري.
ڪراچي(نمائندن وٽان) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گهر جي معاملن ۾ پنهنجي والد آصف علي زرداري جي ڳالهين جو پابند آهيان، سياسي معاملن ۾ پارٽي، ڪارڪنن ۽ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي فيصلن تي عمل ڪندو آهيان، چونڊن بابت آصف زرداري جي بيان بابت ان کان ئي پڇو، منهنجو مطالبو آهي ته چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن ۽ اها ئي آئين جي به گهرج آهي. پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ملڪ گير عوامي رابطي مهم جي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ اڳوڻي ايم اين اين ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو سان تعزيت ڪرڻ بعد ڳالھه ٻولھه ڪندي چيو ته پ پ پاران ملڪي سطح تي عوامي رابطي مهم شروع ڪئي وئي آهي، مهم دوران پارٽي ڪارڪن جيڪي پارٽي جو سرمايو آهن انهن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ جي دوري سان گڏ لاهور وڃي رهيو آهيان. ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري بدين پھچي منڌرو ھائوس تي اڳوڻي سينيٽر مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي پونئيرن سينٽر خالده منڌرو سان تعزيت ڪئي. ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي تمام گھڻي آھي جنھن ڪري عام ماڻھو سخت مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيو آھي. پيپلز پارٽي ھميشا ملڪ کي بحران مان ڪڍيو آھي پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو جي نعري روٽي ڪپڙا اور مڪان تي عمل ڪري رھي آھي. ھن چيو ته ملڪ ۾ چونڊن جو اعلان اڃا نه ٿيو آھي ۽ نه وري اسان اليڪشن ڪيمپئن شروع ڪئي آھي پر عوام اسان جو ڪراچي کان بدين تائين شاندار استقبال ڪيو آھي انھي جو مقصد ته عوام جمھوري حڪومت گھري ٿو ۽ ملڪ جو عوام فوري طور چونڊون ڪرائڻ چاھي ٿو. ھن چيو ته پاڪستان جي آئين جو روح به چوي ٿو ته ملڪ ۾ 90 ڏينھن اندر اليڪشن ٿيڻ گھرجي. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو اليڪشن بابت صدر زرداري جي بيان بابت ان کان ئي پڇو، باقي اسان جو فيصلو پيپلز پارٽي جي سي اي سي ميٽنگ جي فيصلن موجب هوندو، آئون گهر جي معاملن ۾ آصف زرداري جي فيصلن جو پابند آهيان. ھن چيو ته نگران حڪومت ڪيئر ٽيڪر ٿئي چيئر ٽيڪر نه ٿئي. نگرانن کان ملڪ بحران مان نه نڪري سگھندو وري به ملڪ کي بحران مان پ پ ڪڍي سگھي ٿي. هن ڊي سي چوڪ بدين تي استقبال لاءِ آيل سوين ماڻھن کي خطاب ڪندي چيو ته بدين ضلعي وارن ھميشا پ پ سان گڏ رھندي شھيد ذولفقار ڀٽو شھيد محترمابينظير ڀٽو ۽ منھنجو ساٿ ڏنو آھي ھميشا پ پ کي ووٽ ڏئي کٽرايو آھي جڏھن ته آئون ڪٺ پتلي عمران جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نڪتس ته بدين جي عوام منھنجو مڪمل ساٿ ڏنو ۽ بدين جي عوام پ پ مخالف سازشي ماڻھن کي ووٽ نه ڏئي کين ناڪام ڪري سندن سازشون مٽي ۾ملائي ڇڏيون ۽ پ پ کي سدائين ڪامياب ڪيو انھي کان اڳ اڳوڻي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو سينئر سياستدان ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي عذرخواھي لاءِ پھتو ھو پرعوام جو گھڻي تعدا ۾ عوام جو جوش ڏسي خطاب ڪيو آھي. ٻئي طرف حيدرآباد جي علائقي فتح چوڪ وٽ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته 90 ڏينهن وڏو عرصو آهي ان لاءِ هو سمجهي ٿو ته 60 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ گهرجي پر جيڪي 90 ڏينهن ۾ چونڊون نٿا ڪرائڻ چاهين اهي ڪڏهن ڪرائيندا، ڇا 100 ڏينهن يا وري 120 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون. هن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪرڻ بعد هو لاهور جو رخ ڪندو جتي پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو ۽ ان ۾ هو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي تي غور ويچار ڪرڻ بعد اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ان جو اعلان ڪندا ڇاڪاڻ ته ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکي کين اجتماعي فيصلا ڪرڻا پوندا ته جيئن عوام مايوس نه ٿئي. هن چيو ته سندس اهو مطالبو هاڻي کان ئي آهي ته مقرر وقت ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران چونڊ شيڊول جاري ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سندس جيالا انتظار ۾ آهن ته اليڪشن جو اعلان ٿئي ته هو گهر گهر وڃي چونڊ مهم هلائي سگهن. پ پ چيئرمين چيو ته 2013ع جي اليڪشن هجي يا 2018ع وارو لانگ مارچ حيدرآباد واسين پاڻ ملهايو آهي ڇاڪاڻ ته کيس اها ڳالهه به ياد آهي ته جڏهن هن سليڪٽيڊ راڄ خلاف تحريڪ هلائي هئي تڏهن به هو حيدرآباد پهتو هو ۽ نيازي سميت سليڪٽيڊ ماڻهن کي ڀڄائڻ وارو فيصلو به حيدرآباد واسين ٻڌايو هو. سندس خواهش هئي ته حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي جو جيالو ميئر بڻجي جيڪا خواهش سندس پوري ٿي آهي. هن چيو ته مڪاني چونڊن توڙي ميئر جي چونڊ دوران به اها ڳالهه ڪئي پئي وئي ته چونڊ نه ٿي سگهندي پر ڪارڪنن جي سخت رد عمل کانپوءِ مجبور ٿي اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو ۽ هاڻي وري کيس ٻڌايو پيو وڃي ته عام چونڊون به مقرر وقت تي نه ٿي سگهنديون ان لاءِ هو ٻيهر حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي عوام وٽ پهتو آهي ته جيئن هو کين اعتماد ۾ وٺي اليڪشن ڪميشن کان عام چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪرائي سگهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جهڙي انداز ۾ سندس استقبال ٿيا آهن ان مان کيس لڳي ٿو ته عوام اليڪشن ڪميشن توڙي ملڪ کي پيغام ڏنو آهي ته سڀ ئي چونڊن لاءِ تيار آهن. بلاول ڀٽو زرداري ان کان اڳ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ پاران منعقد سيري بس اسٽاپ تي استقبالي ڪئمپ تي پهتو جتي به تعلقي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ جيالن توڙي شهرين سندس شاندار استقبال ڪيو. پ پ چيئرمين فتح چوڪ تي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي خطاب کانپوءِ مٽياري روانو ٿيو. پارٽي ذريعن پاران ٻڌايو پئي ويو ته بلاول ڀٽو زرداري رات جو پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي سيد طارق شاهه ڄاموٽ وٽ قيام ڪندو ۽ اڄ ٻيهر حيدرآباد پهچي پ پ سينيٽر مولابخش چانڊيو سان سندس پوٽي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو ۽ اهو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته بلاول ڀٽو زرداري حسين آباد ۾ قائم نيو فلٽر پلانٽ جو افتتاح به ڪندو.