لاهور(شوبز نيوز)ماضي جي مقبول اداڪار راشد محمود کي بجلي جي مهانگي بلن تي خيالن و اظهار ڪرڻ مهانگو پئجي ويو، تازو ئي خانگي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ راشد محمود خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي هئي، جتي هن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو هو. پروگرام دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن ملڪ سان مايوسي جو اظهار ڪندي پنهنجي دل جو حال احوال ٻڌايو. هن چيو ته هن ملڪ ۾ پيدا ٿيڻ کان پوءِ هن وقت تائين جيڪو ڪجهه برداشت ڪيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته ايندڙ جنم ۾ وڌيڪ عذاب کان بچي ويندس. هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن مون کي ٻي زندگي ملي، مان سمجهان ٿو ته مون کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پيدا ٿيڻ گهرجي، سندس چوڻ آهي ته هو اهي بيان نه رڳو هڪ فرد جي حيثيت سان ڪري رهيو آهي پر سڄي قوم جي طرفان قومي جذبي سان خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سندس انٽرويو جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ سوشل ميڊيا صارفين مٿس سخت تنقيد ڪئي آهي.

سوشل ميڊيا واهپيدار سندس مٿان تنقيد ڪندي چئي رهيا آهن ته اسلام ۾ ٻئي جنم جو ڪو تصور ئي ناهي. هڪ صارف جو چوڻ آهي ته مسلمانن جي حيثيت ۾ اسان ٻئي جنم کي نٿا مڃون، اهو ڪافرن جو عقيدو آهي.