ميرپورخاص(بيورورپورٽ)سنڌڙي تعلقي جي ٽائون ڪاميٽي هنڱورنو جي ملازمن پاران ٽائون چيئرپرسن جي مبينا زيادتين، پگهارن مان ڪٽوتي ڪرڻ ۽ 22 ملازمن جو پگهارون بند ڪرڻ خلاف ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان متاثر ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن احمد علي، محمد اشرف، عاشق علي، واحد بخش، رميش ۽ ٻين دانهون ڪندي چيو ته اسان لوئر اسٽاف جا ملازم آهيون ٽائون چيئرپرسن هنڱورنو ڊاڪٽر رخسانه شر اسان جي پگهار مان ماهوار 2000 هزار کان 5000 هزار روپيا ڪٽوتي ڪري رهي آهي,گزريل ڪيترئي عرصي کان اسان جو رهيل ڊفرنس پگهار  به نه ملي سگهي آهي,هنن چيو ته آفيس ۾ من پسند پرائيوٽ ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي اسان کي حراسان ڪري رهيا آهن,پگهارن مان ڪٽوتي ۽ پگهارون نه ملڻ سبب اسان جي گهرن ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال آهي,هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي پگهارون مان ڪٽوتي ختم ڪرائي رليف فراهم ڪيو وڃي,هوڏانهن ٽائون چيئرپرسن ڊاڪٽر رخسانه شر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيڪي ملازم احتجاج ڪري رهيا آهن اهي ڊيوٽي نٿا ڪن جنهن ڪري سندن پگهارون روڪيو ويون آهن.