هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا ۾ ڳوٺ بادل خان جوڻيجو جي رهواسڻ روبينه جوڻيجو احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته ڏير راحب علي، عبدالرزاق جوڻيجو، حفيظ جوڻيجو هڪ ايڪڙ تي پوکيل ڪڻڪ جو تيار فصل زبردستي کڻائڻ چاهين ٿا، منع ڪرڻ تي منهنجي مٿان انتهائي تشدد ڪيو آهي پوليس وٽ دانهن ڏني پر ڪنهن به تدارڪ ناهي ڪيو هن مطالبو ڪيو ته حملي آورن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.