ھنڱورجا( ن پ ا ) صوفي بزرگ شھيد ڏاڏو خير محمد جو ساليانو ٽن ڏينھن وارو ميلو ھنگورجا ڀرسان ڌام ڌوم سان شروع ٿي ويو آھي ٽن ڏينھن واري ميلي جو افتتاح ٽائون سوڀوديرو جي وائيس چيئرمين حبيب الله سھتو ميلا ڪاميٽي جي اڳواڻ ڪانڊيرو خان سھتو، پ پ پ اڳواڻ ڪامريڊ خدا بخش سھتو، عزيز ميمڻ صحافي اتحاد خيرپور جي صدر غلام حسين چانگ شمن راڄپر ۽ گڏجي شھيد جي مزار تي چادر چاڙهي ڪيو، جڏھن ميلي ۾ ملاکڙو پڻ ٿيو، جنھن ۾ سنڌ پنجاب جي 100کان وڌيڪ ملھه پھلوانن زورآزمائي ڪئي، جڏھن ته ملھه پھلوان نذير ڀاڳت پنھنجي مخالف پھلوان عبدالجبار چنو کي ٻئي ملهون ڦيرائي ڦيرائي دسي ميلي ۾ آيل ماڻھن کان خوب داد وصول ڪيو، جڏھن ته اعجاز شيدي پنھنجي مخالف پھلوان ارشاد بھڻ کي ملهون دسي واھ واھ ڪرائي ڇڏي. جڏھن ته ٽئين ملھه ۾ ببر شير چنو پنھنجي مخالف پھلوان فوجي ڀاڳت کي دسي ميلي جو مور ثابت ٿيو، جڏھن ته ملاکڙي ۾ ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو جي چيئرمين عبدالخالق ڀٽو. سوڀوديرو ٽائون جي وائيس چيئرمين حبيب الله سھتو ۽ ٻين ملھه پھلوانن کي انعام پڻ ڏنا.