ھنڱورجا(ن پ ا) انتھا پسنديءَ کان آجي سنڌ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار گروپ پاران اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان ھنڱورجا يوٿ فورم پاران ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي ايڪتا ڏھاڙي جي سڏ تي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.جنھن جو عنوان ھو انتھا پسنديءَ کان آجي سنڌ ايڪتا ميڙاڪي جي صدارت پ پ جي سينيئر اڳواڻ حاجي شھداد خان ڀاڳت ڪئي.خاص مھمان سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت علي سھتو ۽ صحافي اتحاد خيرپور جو چيئرمين غلام حسين چانگ ھيا. تقريب ۾ ھنڱورجا يوٿ فورم فورم جي صدر جميل علي ڀٽو آجياڻي دوران چيو ته ھنڱورجا يوٿ فورم سدائين سنڌي ميڊيا اداري ٽائيم نيوز سان گڏجي ايڪتا ڏھاڙو ملھايو آهي، اڄوڪو ايڪتا ميڙاڪو پڻ ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي.ميڙاڪي ۾ ايوارڊ يافتا الغوزي نواز فقير عبدالغفور اڄڻ ثقافتي ۽ قومي گيتن کي الغوزي تي جھونگاري واھ واھ ڪرائي ڇڏي، سگھڙ مھر علي پتافي سينگار ۽ ثقافت جا بيت ٻڌائي ميڙاڪي کي موھي ورتو جڏهن ته شاعر سگھڙ اديب ۽ فنڪار عنايت علي پنھيار موسيقي جي نشست ۾ قومي گيت ڳائي نوجوانن کي جھومائي ڇڏيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي شھداد خان ڀاڳت چيو ته قومون پنهنجي تھذيب ۽ ثقافت سان سڃاتيون وينديون آهن سنڌي جي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ محترم علي قاضي 16 سال پھريان سڏ ڏنو ھو ۽ اڄ پوري دنيا ۾ ايڪتا ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي ۽ ھن وقت سنڌي ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آهن.