هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا لڳ ڳوٺ سيٺارجا بالا ۾ سماجي اڳواڻ طالب سهتو ۽ غوثيه جماعت جي خليفي راجا سهتو پاران پنهنجي آستاني تي ايڪتا مچ ڪچهري جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ممتاز شاهه، شبير ڀنڀرو، قائم الدين، حليم ڀنڀرو، وحيد سھتو، سعد ملوڪ سهتو، ذوالفقار انصاري، زاهد گل سولنگي، عبدالجبار چانگ، شمن راڄپر، غلام حسين چانگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي غوثيه جماعت جي فقيرن مراد علي، فقير مشتاق مڱڻيجو، فقير مشتاق ڀٽو، طالب سهتو، جلال ڀٽو پاران بيت ۽ وايون پيش ڪيون ويون، جڏهن ته عاشق راڄپر، ضمير حسين شيخ ۽ ٻين لطيف سرڪار ۽ شيخ اياز جون وايون، سچل سرمست، استاد بخاري سميت ٻين صوفي بزرگن جا ڪلام پيش ڪري محفل کي گرمائي ڇڏيو.