صالح پٽ/هنڱورجا(نمائندن وٽان) صالح پٽ جو اهلڪار هنڱورجا پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو، خبر موجب صالح پٽ ٿاڻي جو پوليس اهلڪار ڀٽ شاھه پنهنجي رشتيدارن جي شادي تقريب ۾ وڃي رهيو هو ته هنڱورجا ٿاڻي جي بنا وردي جي پوليس اهلڪارن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نه رڪجڻ تي بنا وردي اهلڪارن موٽرسائيڪل سوار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ اهلڪار غلام اڪبر مگسي زخمي ٿي پيو، رابطو ڪرڻ تي هنڱورجا ٿاڻي جي ايس ايچ او محمد بچل قاضي ٻڌايو ته رسول آباد چوڪي وٽ بنا وردي جي پوليس اهلڪار ويٺل هئا، جن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي نه بيهڻ تي هي واقعو پيش آيو آهي، اسان زخمي کي علاج جو ليٽر ڏئي سول اسپتال خيرپور موڪليو آهي، وڌيڪ فريادي ٿاڻي تي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.