ھنڱورجا (رپورٽ: عبدالجبار چانگ) ھنڱورجا رائيڊرس ھنڱورجا پريميئر ليگ سيزن 3 جي چيمپيئن بڻجي وئي رانديگرن جون جھمريون.ھنڱورجا اسپورٽس سوسائٽي پاران جاري ھنڱورجا پريميئر ليگ جي فائينل ۾ ھنڱورجا رائيڊرس ٽاس کٽي پھريون بئٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ خالد ٿيٻو ۽ راشد بروھي جي ففٽين سان 153 رنسون ٺاھيون. جواب ۾ بي واء او جي ٽيم 100 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ھنڱورجا رائيڊرس 53 رنسن تان ڪاميابي ماڻي ورتي. ڪاميابي بعد ھنڱورجا رائيڊرس جا رانديگر گرائونڊ ۾ جھومندا رھيا. خالد ٿيٻو کي مين آف دي ميچ، لارا کي بھترين بئٽسمين ۽ جمال ڏاھري کي ليگ جي بھترين بالر جا ايوارڊ ۽ روڪ انعام ڏنا ويا. بي واءِ او جي ڪپتان طاھر ڀنڀرو کي رنر اپ ٽرافي روڪ انعام جڏهن ته رائيڊرس جي ڪپتان عبدالرزاق تنيو کي شاندار ٽرافي ۽ روڪ انعام ڏنو ويو. ليگ ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن جي ڪپتانن عدنان امين مغل، گدا گھانگھرو، عمير چنا، عبدالرزاق تنيو، طاھر ڀنڀرو کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا. پ پ جي ضلع ڪائونسل ميمبر شھداد خان ڀاڳت،ايور شائن گروپ آف ڪاليجز جي پرنسپال عبدالحڪيم چنو، سوشل ويلفيئر آفيسر ذوالفقار گلال، سماجي اڳواڻ حاجي اعجاز احمد ملاح، ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجا جي انچارج آصف سومرو، ناليواري اديب ڄام محبت علي سھتو، صحافي اتحاد خيرپور جي چيئرمين غلام حسين چانگ، ڪائونسلر عزيز ميمڻ، استاد امداد سومرو، سينيئر صحافي ۽ اديب ايم ظفر تڳر، پ پ اڳواڻ سلطان احمد سھتو، ھنڱورجا اسپورٽس سوسائٽي جي چيئرمين فرمان علي سھتو، وائيس چيئرمين جميل علي ڀٽو، عابد حسين سولنگي، محمد مٺل تنيو، شمن راڄپر، رحيم سولنگي، اعجاز علي ھرياھ ۽ ٻين فاتح رانديگرن ۾ انعام ورھايا. آخر ۾ سريلي صوفي فنڪار رانجھن فقير ڀٽي صوفي ۽ قومي ڪلام ڳائي رانديگرن کي جھومائي ڇڏيو.