ڪراچي (نمائندن وٽان) اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان تياريون جاري آهن، اچو ته نئين سنڌ اڏيون” ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي گروپ واري اعلان کانپوءِ ھنڱورجا ۾ استادن .شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار سان 3 ڊسمبر تي گڏ ملھائڻ جو وچن ڪيو
استادن ۾ گورنمينٽ ايليمينٽري بوائز اسڪول بنگل خان چانگ جي پرنسيپال استاد غلام رسول چانگ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ھر سال جيان ھن سال به اسين 3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي گروپ سان گڏ ھونداسين. گذريل سال برساتن سنڌ ۾ تباھي مچائي ڇڏي ھئي
ان وقت به ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار مسڪين ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏيو ۽ “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ وارو بھترين سلوگن ڏنو آھي
استاد رضا محمد ڀٽي چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان گڏ ايڪتا ڏھاڙو ملھائينداسين، ڀرپور تياري ڪئي آھي مٽياري ۽ ھالا جون ٽوپيون ۽ اجرڪ گھرائيندا آھيون ۽ شوق سان پائيندا آھيون. ٽئين ڪلاس جي شاگردياڻي سويرا چانگ ڳالهائيندي چيو ته مظلومن ۽ مسڪينن جو آواز بھتر نموني ٽائيم نيوز پنھنجي ايوانن تائين پھچائين ٿا
ڪنڌرا ۾ “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” ايڪتا جون ڀرپور تياريون
ڪنڌرا ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ محترم محمد علي قاضي جي ڏنل سڏ تي3 ڊسمبر آچر جي ڏينھن سنڌي ثقافتي ايڪتا وارو ڏهاڙو “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري ھيٺ ھر سال جيان ھن سال به ڀرپور نموني سان ملھايو ويندو، سنڌي ثقافتي ڏھاڙي واري مک تقريب پريس ڪلب ڪنڌرا جي ميزباني ھيٺ ملھائي ويندي ثقافتي تقريب ۾ شھر جا سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيندا
جڏھن مختلف لوڪ فنڪار سنڌي قومي گيت ڳائي پنھنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪندا. مختلف اسڪولز جا شاگرد ٽيلوز پڻ پيش ڪندا ھوڏانھن ڪنڌرا شھر ۾ شھرين مختلف دڪانن تان ھاڻي کان ئي ٽوپيون ۽ اجرڪ خريد ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي
ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي دڪاندار سميت ڪمار چيو آھي ته صرف منھنجي دڪان تان ھينئر روزانو جي بنياد تي100 جي لڳ ڀڳ شھري ٽوپي اجرڪ خريد ڪرڻ لاءِ اچي رھيا آھن، ھن ٻڌايو ته ايڪتا ڏهاڙو ويجھو ايندئي ٽوپي اجرڪ جي وڪري ۾ رڪاڊ اضافو ٿيندو آهي، ھوڏانھن ٽوپي اجرڪ خريد ڪندڙ شھرين حظيفه مغل، عامر مغل ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏھاڙي لاءِ ٽوپيون خريد ڪري رھيا آھيون، اسين ثقافتي ايڪتا واري ڏھاڙي کي عيد جي ڏينھن جيان نوان ڪپڙا سنڌي ٽوپي اجرڪون پائي ملهائيندا آھيون
ضلع ڪائونسل جي ميمبر عرض محمد ميراڻي، شاعرعاجز عبدالحميد ڪاندڙو، شاعر حسين جاگيراڻي، ھندو پنچائت جي مکي لڌو مل، ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين ڪنيعولال عرف ڀٽو مل، حاجي سھيل ٻرڙو، منير احمد ڪانڌڙو، واجد حسين، ميمڻ بابر قريشي ۽ ٻين 3 ڊسمبر ايڪتا وارو ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملھائڻ جو اعلان ڪيو
اچو ته نئين سنڌ اڏيون: فنڪار روشن ميرالي گانو تيار ڪري ورتو
ڀٽ شاھ جي فنڪارن ايڪتا ڏهاڙي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سلوگن سان فنڪار روشن علي ميرالي گيت تيار ڪري ورتو، اچو ته نئين سنڌ اڏيون سنڌيو سڀ گڏ ٿيو علي قاضي جو ساٿ ڏيون گيت ڳائي جاڳرتا ريلي ڪڍي فنڪارن پاران ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ملهائڻ جو وچن ڪيو ويو
فنڪارن هٿن ۾ يڪتارا ۽ چپڙيون کڻي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جا گيت ڳايا، فنڪارن روشن علي ميرالي، جلال بروهي ، صادق سولنگي، ملوڪ فقير مگسي ، حاجي سمون ، شفقت علي ۽ سلامت علي ميرالي جو چوڻ آهي ته هر سال جيان ايڪتا ڏهاڙو علي قاضي جي اعلانيل ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان 3 ڊسمبر تي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ ڀٽ شاھ جي نگري ۾ نئين سلوگن سان ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جون تياريون شروع ڪيون آهن
3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت کي شاندار ڀيٽا پيش ڪنداسين