هنڱورجا(ن پ ا) ھنڱورجا ٿاڻي جي حد رسول آباد ڀرسان گذريل ڏينهن گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان عبدالستار نوحپوٽو جو ڪيس هنڱورجا ٿاڻي تي سندس ڀاءُ عاشق حسين جي فرياد تي 5 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ امتياز ڄراح، محرم ڄراح، مصطفيٰ ڄراح، راشد ڄراح ۽ الھوڌايو ڄراح کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار اسان کي ڳوٺ ۾ موجود اسان جي زرعي زمين وڪرو ڪري ڏيڻ لاءِ چوندا ھيا ۽ اسان پاران زمين وڪرو ڪرڻ کان جواب ملڻ تي ڪاوڙيل هئا، فريادي موجب اسان جي فصلن جي ڀيل ڪرائيندا ھيا، منھنجي ڀاءُ کي ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ دوران حملو ڪري قتل ڪيو، فائرنگ ۾ منھنجي ڀاڄائي کي به زخمي ڪيو ويو.