هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا جي گم ٿيل صحافي جي اغوا جي تصديق، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب، تشدد جي وڊيو وائرل، گهر  ۾ ڪهرام، خبر موجب هنڱورجا واسي گم ٿيل صحافي فياض سولنگي جي اغوا جي تصديق ٿي آهي، ان ڏس ۾ ڌاڙيلن صحافي جي پنھنجي فيس بڪ آءِ ڊي تان سندس جي قميض لٿل ۽ رسن سان ٻڌل حالت ۾ تشدد واري ويڊيو وائرل ڪئي، جنهن ۾ هو روئيندي گهر وارن کي اپيل ڪري رهيو آهي ته کيس ڇڏايو وڃي، جڏهن ته سندس نمبر تان چاچي صالح سولنگي کي ڌاڙيلن پاران فون ڪري هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، صحافي جي چاچي محمد صالح چيو ته ڌاڙيلن ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس ڀائيٽي کي قتل ڪري لاش موڪلڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، اغوا جي تصديق بعد صحافي جي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن اغوا واقعي خلاف هنڱورجا ۽ سيٺارجا ۾ صحافين احتجاجي مظاهرا ڪيا، صحافين ذوالفقار علي انصاري، زاهد گل سولنگي ۽ ٻين چيو ته فياض سولنگي جي اغوا وارو واقعو خيرپور ضلعي جي امن امان جي بدترين صورتحال جو ثبوت آهي، هنن چيو ته اڄ ڇنڇر ڏينهن هنڱورجا ۾ سڄي ضلعي جي صحافين پاران ڌرڻو هنيو ويندو.