ھنڱورجا(ن پ ا) تعلقي سوڀوديرو ۾ زرعي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو شاخن واھڻ ۾ پاڻي نه ھجڻ جي ڪري ڪڻڪ جي پوکي شديد متاثر ٿيڻ لڳي آھي جڏھن ته آبپاشي کاتي جا عملدار پاڻي کوٽ ڄاڻائي مختلف شاخن ۾ وارابندي ڪري آبادگارن ۽ ھارين اڃان به وڌيڪ پريشان ڪري رھيا آھن، ھنگورجا مائينر، سماج مائينر، گڏيجي مائينر، مڇر شاخ، سيال مائينر، محراب واهه، بينظير مائينر، سھتا مائينر ۾ گذريل ھڪ ھفتي کان پاڻي نه ھجڻ ڪري شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي جو ڦڙو به نه ٿو پھچي، جنھن سبب آبادگارن پاران ھزارين ايڪڙ زرعي زمين جيڪا ڪڻڪ جي پوکي تيار ڪئي وئي آھي، ان ۾ ڪڻڪ پوکجي نه سگھي آھي، ان ڏس ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي اڳواڻن جمال محمود سھتو، دين محمد چانگ، .محمد صالح سولنگي ۽ ٻين چيو آھي ته تعلقي سوڀوديرو ۾ زرعي پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آھي، ھن وقت شاخن واھڻ ۾ پاڻي ناھي جنھن سبب ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿي رھي آھي اسان زرعي زمين وڏي خرچ سان تيار ڪيون ڪڻڪ جي پوکي لاءِ پر ھاڻي پاڻي نه اچي جنھن جي آبادگارن کي وڏو معاشي نقصان رسندو ھن نگران وزير سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آھي تعلقي سوڀوديرو ۾ زرعي پاڻي جي بحران جو خاتمو آڻي آبادگارن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي .