هنگامي حالتن ۾ به اڻپورا انتظام

0
58
اڳ ئي کوٽ وري اربين رپين جي سرڪاري ڪڻڪ بھ خراب

سنڌ واسي اڳ ئي برساتي ٻوڏ سبب لڙڪن ۽ سڏڪن جي گهيري ۾ هئا، وري جو وسڪارو ٿيو ته کين رهيل اميدون به ٻڏڻ جو وسوسو پيدا ٿي ويو آهي، هن ڀيري طوفاني هوائن سان گڏ شروع ٿيل برسات جي ڦُڙي ڦُڙي ۾ اهڙو ته خوف آهي جو ماڻهو اُڀ ڏاريندڙ صدائون ڏئي پنهنجي پالڻهار کان پناهه پنيءَ رهيا آهن، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي رڳو هڪ ئي آواز آهي، دانهن آهي ته جيڪڏهن وري ڪو تيز وسڪارو پيو ته جيئڻ ڏکيو ٿي ويندو. گذريل ڏينهن کان شروع ٿيل طوفاني برساتن سبب ٻوڏ متاثرن جا خيما اڏامي ويا، ڪراچي جي ملير، صفوران ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ اسڪولن ۽ ٻين هنڌن تي پناهه وٺي ويٺل متاثرن کي به طوفاني برساتن ڊيڄاري ڇڏيو آهي.

سنڌ سرڪار جا وزير دعوائون ڪري رهيا آهن ته سنڌ ۾ ڪو هڪ به ٻوڏ متاثر اهڙو ناهي، جنهن تائين سنڌ حڪومت ناهي پهتي، حڪومت ته اِن حد تائين دعويٰ ڪري ڇڏي آهي ته جتي برسات سبب زميني رابطا ڪٽجي چڪا آهن، اُتان جي ماڻهن کي به سنڌ حڪومت پڪل کاڌو فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثر وري سرڪار جي اِن دعويٰ کي غلط ثابت ڪندي الزام هڻي رهيا آهن ته سنڌ  حڪومت سندن ڪا به واهر ناهي ڪئي، دادو، جوهي، ڀان سيد آباد، سيوهڻ، نئون ڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ ٻين علائقن ۾ ته اڃا تائين خوف جي فضا آهي، گهرن، گهٽين ۽ فصلن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي ڏسي متاثرن جا وري اهنج ٻيڻا ٿي ٿا وڃن. انتظاميا جي رليف ڪمن جي حالت اها آهي جو وڏو وزير متاثر علائقن جا دورا ڪرڻ پهتو ته ٻيڙي مان پيٽرول ئي ختم ٿي ويو. جيڪا انتظاميا صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي دوري لاءِ اهڙا انتظام ڪندي هوندي ان مان اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته باقي عام ماڻهو کي رليف ۽ ريسڪيو ڪرڻ لاءِ انهي جا انتظام ڪهڙا بهتر هوندا.؟انهي کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها سامهون اچي رهي آهي ته هڪ طرف ٻوڏ متاثر هڪ ويلي جي ماني لاءِ دانهون ڪري رهيا آهن ته ٻئي طرف راشن ۽ امدادي سامان ڪجهه گودامن ۾ گڏ ٿيڻ جون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن اهو امدادي سامان پاڻ کسي ورتو. ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي وزير  چيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن آفيسر بدنيتي جو مظاهرو ڪيو ته کيس نوڪري تان برطرف ڪيو ويندو، پر هتي ته هر شهر مان خبرون اچي رهيون آهن ته انتظاميا نالي ڪا شيءَ ئي نظر نه ٿي اچي، ٻوڏ متاثر  سڀني ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز، اسسٽنٽ ڪمشنرز، مختيارڪار ۽ ٻين عملدارن خلاف عوام جون دانهون اچي  رهيون آهن ته سندن لاءِ آيل خيما، راشن ۽ ٽينٽ ڪامورن پنهنجن گهرن، اوطاقن ۾ لڪائي رهيا آهن، جيڪڏهن اهو الزام واقعي سچو آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت کي حقيقي ايڪشن کڻڻو پوندو.جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته جوهي، دادو، سيوهڻ ۽ عمر ڪوٽ جي بندن جي ته اُتي صورتحال بدستور خراب آهي، عمرڪوٽ ضلعي جي ايم پي ايز ۾ ڍوري کي ڪٽ ڏيڻ تان پيدا ٿيل تڪرار نه نبريو آهي. جڏهن ته هر شهر ۾ اتي مقامي بااثر ماڻهو پنهنجي مرضي سان پاڻي کي موڙي رهيا آهن نه ڪنهن آبپاشي ماهر جي صلاح موجود آهي نه ئي وري ڪٿي ڪو آبپاشي عملو ڪم ڪندي نظر اچي رهيو آهي جنهن ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي ۽ پاڻي نيڪال ٿيڻ بدران هڪڙا شهر ٻوڙيندو ٻين شهرن ڏانهن وڌندو رهي ٿو.

اسان سمجهون ٿا ته صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.هن وقت تائين پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪا پلاننگ نظر نه اچي رهي آهي ته ٻئي طرف رليف جي ڪمن ۾ به اها اڳڀرائي ناهي جيڪا ٻوڏ جي شدت کي نظر ۾ رکي ٿيڻ گهرجي ها.تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا وڌيڪ اثرائتا اپاءَ وٺي  ته جيئن ٻوڏ متاثر تڪليفن کان بچي سگهن ته پاڻي جي نيڪال جو به ترت بندوبست ٿي سگهي ته جيئن بحالي جي ڪمن ۾ رڪاوٽ نه اچي.