دنيا ۾ جڏھن کان جھيڙن ۽ جنگن جي شروعات ٿي آھي ان وقت کان وٺي ھڪٻئي حريفن جون ڪمزوريون ۽ طاقت ڳولڻ جي لاء مختلف طريقن سان جاسوسي ڪرائي ويندي آھي وقت بدلجندو رھيو ته جاسوسي جا طريقا به مٽجندا رھيا دنيا ھاڻي جديد دور مان گذري پئي ۽ جاسوسي جا به جديد طريقا اچي چڪا آھن پر اڄ تائين به ھني ٽريپ جو طريقو يا اثر اڄ به موجود آھي
ھني ٽريپ ڇا آھي ؟
ھني ٽريپ ( مٺو ڄار ) جو مقصد ڪنھن بہ حريف ملڪ جي اھم ماڻھن سان جنسي يا رومانوي تعلق جوڙي انھن مان راز جون ڳالھيون ڪڍيون وڃن
ھني ٽريپ جاسوسي جي تاريخ ۾ اڄ ڏينھن تائين مشھور ھن ٽريپ ماتا ھري کي چيو ويندو آھي جيڪا پھرين عالمي جنگ ۾ مشھور ٿي ھئي
نيڌرلينڊ جي مارگريٽ ميڪلوڊ جيڪا تمام گھڻي سھڻي ھجڻ سان گڏ مشھور رقاصا ھئي جنھن کي فرا…نسيسي اسڪواڊ گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھيو
مارگريٽ مٿان الزام ھيو تہ مارگريٽ فرا…نسيسي ۽ بر…طانيا جي فوجي آفيسر سان جنسي ۽ رومانوي تعلق جوڙي جر…..مني جي لاء معلومات حاصل ڪري انھن تائين پڄائيندي ھئي
ماتا ھري مشھور ناول نگار پائولو ڪوئلو جي ناول دي سپائي ۾ مرڪزي ڪردار آھي
گذريل ڏھاڪي ۾ انڊيا جا ڪيترائي اھم ماڻھون جيڪي ھني ٽريپ جو شڪار ٿيا ۽ گرفتار ٿي چڪا آھن
تازو 2 ڏينھن اڳ روس جي سفارتڪاري ڪندڙ سينسدر کي گرفتار ڪيو ويو آھي جنھن مٿان الزام آھي ته ھن پاڪستان جي خفيا اداري آئي ايس آئي کي خفيا معلومات ڏني آھي انڊيا جا ادارا تحقيق پيا ڪن ته ڪٿي ھن ٽريپ جو شڪار ته ناھي ٿيو
چين ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪاروباري شخصيتن سميت وڏن عهدن تي رھندڙ کي پئسي سميت مختلف ڳالھين لاء ھني ٽريپ سان بليڪ ميل ڪيو ويندو آھي